ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ روينيو بورڊ ۾ بااثر ڪامورو 12 سالن کان مقرر هجڻ جو انڪشاف، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي صوبائي سروس گروپ ( پي ايس ايس )جو ڪامورو 12 سال اڳ خدمتون سنڌ روينيو بورڊ حوالي ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ساڳئي اداري ۾ اهم عهدن تي مقرر ٿيل آهي. “پنهنجي اخبار” کي مليل ثبوتن موجب  سنڌ سيڪريٽريٽ مان 17هين گريڊ جي سيڪشن آفيسر اقبال لاکو جون خدمتون آڪٽوبر2011 ۾ سنڌ روينيو بورڊ حوالي ڪيون ويون هيون، جتي کيس 18 گريڊ جي ڊپٽي ڪمشنر روينيو بورڊ جي عهدي تي ويهاريو ويو هو! ڄاڻ موجب  ڄاڻايل ڪاموري روينيو بورڊ ۾ مقرري دوران ئي 19هين گريڊ ۾ ترقي ماڻي ورتي آهي، ذريعن موجب ته پاليسي تحت ٽن سالن بعد کاتي مان بدلي ٿيڻ بعد ئي پروموشن ٿي سگهي ٿو، پر اختيارين پاران  سنڌ سروسز رولز جي خلاف ورزي ڪري کيس 2 ڀيرا ترقي ڏني وئي آهي.