ٽنڊومحمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي مرڪزي اجلاس ذريعي سنڌو دريا تي نوان ڪئنال ٺاهڻ خلاف ٽنڊو محمد خان ۾ 24 نومبر تي ڀرپور احتجاج ، پيادل مارچ ۽ جلسو ڪري سڄي سنڌ ۾ مرحليوار تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويندو، جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو مرڪزي اجلاس ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ باقر نظاماڻي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي ميزباني هيٺ رهبر ڪميٽي جي سربراھ اسليم خيرپوري جي صدارت هيٺ ڪوٺايو ويو ، جنهن ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي چيئرمين نواز خان زئور ، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي چيئرمين سورهيه سنڌي ، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پنهل جمالي ، قومپرست اڳواڻ محمد علي خشڪ ، انور بڙدي ، عبدالخالق خاصخيلي ، ساجد سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، جنهن ۾ اڳواڻن چيو ته سنڌو دريا تي نوان ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سڪائڻ جي رٿيل سنڌ دشمن اهڙي سازش آهي جنهن سان سنڌ جي وحدت کي نقصان رسائڻ لاءِ زراعت کي مڪمل تباھ ڪرڻ جي منصوبي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پئي ، 24 نومبر بروز آچر واري ڏينهن صبح 11هين وڳي ٽنڊو محمد خان جي اسٽيشن روڊ کان مرڪزي قيادت جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري ٽنڊو محمد خان جي ڦليلي روڊ تي جلسو ڪيو ويندو ، جنهن کانپوءِ وري سنڌ جي ٻين ضلعن ، تعلقن ۾ الڳ الڳ احتجاجي جلوس مظاهرا ڌرڻا ۽ علامتي بک هڙتالن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو .