خيرپور/ڪنڊيارو(نمائندن وٽان) درياءَ بچايو ڪاميٽي جي ڪنوينر ۽ ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته ملڪ جي سياسي، معاشي، ڪراچي، حيدرآباد ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ ڊيلٽا جي مفاد ۾ سرڪار کي غير عوامي فيصلا واپس وٺڻا پوندا، ٻي صورت ۾ اسان جي جدوجهد جاري رهندي، هاڻي جيڪڏهن ڪي به سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن فيصلا ڪيا ويا ته سنڌ ۾ هر جاءِ ٻٻرلوءِ ٿي ويندي ۽ پوءِ يقينن سرڪار کي گوڏا کوڙائڻ تائين اها جدوجهد ختم نه ٿيندي، خيرپور جي مقامي هال ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع خيرپور طرفان سنڌو درياهه تي 6 ڪئنالن جي منصوبي خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳايل ڌرڻي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهن جي مان ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته درياهه زندگي آهي ۽ زندگي پاڻي پيئڻ، پاڻي استعمال ڪرڻ کان وٺي زراعت تائين آهي، ڪراچيءَ ۾ ٻه ڪروڙ کان مٿي ماڻهو رهن ٿا جيڪي به سنڌو نديءَ جو پاڻي پيئن ٿا، درياهه بچايو تحريڪ کانپوءِ مسلسل 8 مهينن جي محنت کانپوءِ ڪراچي جي سول سوسائٽي به متحرڪ ٿي وئي، ھن چيو ته ڪراچي ۾ سياسي جماعتون جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ، فنڪشنل ليگ اسان جي اتحاد ۾ شامل هيون، ڪراچي اسان جو دارالحڪومت آهي، اسان جي جدوجهد جو سلسلو هلندڙ آهي، ھن چيو ته ڪئنالن وارو منصوبو وقتي طور روڪيو ويو آهي پر ان تي ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن تي پڻ اسان کي ڳڻتي آهي، سنڌ جا ماڻهو ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪري چڪا آهن، ھن چيو ته ڪئنالن واري منصوبي تي پ پ جو منافقاڻو چهرو پڌرو ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي جي سازشن کان واقف ٿي چڪا آهن، ڪارپوريٽ فارمنگ تحت زمينون سنڌ حڪومت ڏنيون آهن تنهنڪري اُهي ڏنل زمينون فوري طور واپس ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ سنڌ جي ماڻهن جو اڃا شديد رد عمل ايندو، زين شاهه ڌرڻي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي مڃتا طور اجرڪ اوڍايا، تقريب کي فياض خميساڻي، علي احمد ميمڻ، عبدالغني ڦلپوٽو، عباس راڄپر، شهناز شيخ، گل بانو ٻُرڙو، شبير جمالي، شهباز ڦلپوٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، هوڏانهن ڪنڊيارو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪڏهن به ڏاڍ جي بنياد تي ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ واسي سخت رد عمل ڏيندا، ڪئنالن واري معاملي تي حڪمران عارضي طور تي پوئتي هٽيا آهن، پر هن وقت سنڌ واسي سجاڳ آهن ۽ اسان به زندگي جي هر نئين ڏينهن تي ڪئنالن تي نظر رکنداسين، صدر پاڪستان کي گهرجي ته هو فوري طور تي ڪئنالن کي ختم ڪرڻ جو آرڊ جاري ڪري.