ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌو انڊس لائرز فورم پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، عاقب راڄپر، اشرف سمون، حسيب پنهور ۽ ارشاد ڌاريجو جي اڳواڻي ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين چيو ته سنڌ جون زمينون نجي ڪمپنين کي الاٽ ڪرڻ، سنڌو درياءَ مان غير قانوني 6 ڪينال ڪڍڻ، پيڪا ايڪٽ ۽ 26 هين آئيني ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، سنڌو درياءُ سنڌ جي ملڪيت آهي، سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍي سنڌ تباهه ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، مظاهرين چيو ته سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت جو فيصلو سنڌ کي سڪائڻ جو مبصوبو آهي، هنن چيو ته 26 هين آهين ترميمي غير آئيني ترميم آهي، پيڪا ايڪٽ آزادي صحافت تي وار آهي، مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ دشمن منصوبن وارن فيصلن کي فوري واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ وڪيل برادري سخت احتجاج ڪندي.