ڪراچي (نمائندن وٽان)جسقم جي مرڪزي سڏ تي ڪراچي کان وٺي اوٻاوڙو تائين سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن جي پريس ڪلبن تي جسقم جا ھزارين ڪارڪن احتجاج ڪندا نڪري آيا، هڪ دفعو ٻيهر سنڌ دشمن رٿا بحريا کي رد ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ مرڪزي اڳواڻ ڏاڏو اطهر سومرو جي اڳواڻي م ملير پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ڄامشورو ۾ جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، سومر خان جمالي، عابد جمالي جي اڳواڻي جي سيد چوڪ کان ڄامشورو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، خيرپور ميرس ۾ سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري احتجاج ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ عزيز شيخ، اشرف ڪلھوڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، عمر ڪوٽ ۾ رمضان خاصخيلي، امير نوهيڙو جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ريلي ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪري بحريا ٽائون رٿا کي رد ڪيو ويو، نوابشاهه ۾ شعبان ماٽي، سڪرنڊ ۾ مسعود شاھ، ڪنڊيارو ۾ هارون ڪلھوڙو، مياڻي ۾ فيصل مستوئي، ٺٽ ڳوراهو ۾ صوفي خالد چنا جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، گهوٽڪي ميرپور ماٽيلو ۾ رمضان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ ولينو سنڌي، حفيظ سنڌي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سن جسقم ڪارڪن علي شاھ جي اڳواڻي ۾ جي پليٽ فارم تي احتجاج ڪيو، رتوديرو ۾ آصف اوڍو، ذوبير پٽو جساف ۽ جسقم جي ڪارڪن رتوديرو پريس ڪلب تي احتجاج ڪيو، دادو ۾ پڻ منصور جمالي ، هارون پنهور ۽ اياز جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مٽياري ۾ سجيل سالاريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم اڳواڻ ظھور ھاليپوٽو ، عنايت علي، فرحان ٻرڙو، راجا حاجاڻو ۽ معشوق سٺيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، قمبر ۾ جسقم طرفان مرڪزي سڏ تي شاهجهان ڪلهوڙو، آفتاب شاهه، شفيق جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بحريا ٽائون اڳيان پرامن احتجاج تي سرڪار حملو ڪري ڪيترائي ماڻهن کي زخمي ڪيو ويو ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيلن ۾ وڌو ويو، جيڪي ڪيس اڄ تائين هلندڙ آهن، هن چيو سنڌ جي قيمتي زمينن تي سنڌ سرڪار جي سپورٽ سان غير قانوني طور تي قبضو ڪيو پيو وڃي ۽ قبضي ۽ والار جي زمينن تي بحريان ٽائون جهڙا منصوبا جوڙي سنڌ تي ڌارين جي يلغار ڪئي وڃي پئي. هنن چيو ته بحريا ٽائون اڳيان پرامن احتجاج مٿان سرڪاري حملي کي ٻه پورا ٿيا آهن، اڄ به ڪورٽن ۾ بيٺا آهيون ڪوڙن ڪيسن کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون، هنن وڌيڪ چيو ته جڏهن ته سنڌ ۾ 40 لکن کان وڌيڪ غير قانوني افغاني، برمي، بهاري، بنگالي، روهنگي موجود آهن جن کي پنهنجي علائقن ڏانهن موڪلڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جا ڪيترائي ئي دفعا فيصلا ۽ آڊر جاري ٿيا آهن پر سرڪار غير قانوني ڌارين کي واپس موڪلڻ لاءِ تيار ئي ناهي، پر سنڌ سرڪار چئي ٿي ته افغانين جو ٻيو گهر سنڌ آهي! هاڻي هڪڙي پاسي سنڌ جي قيمتي زمين تي قبضا ڪري غير قانوني هائوس اسڪيمون جوڙي سنڌ جي زمين سنڌي قوم جي پيرن هيٺان ڪڍي پئي وڃي ٻئي طرف سرڪار غير قانوني ڌارين کي به سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي! اهڙي سنگين صورتحال ۾ سوائي جدوجهد جي ٻيو ڪو رستو ناهي، هن چيو ته سنڌ تيار ٿئي هڪ دفعو وري بحريا ٽائون خلاف ڪراچي ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري هن سنڌ دشمن رٿا خلاف تاريخي احتجاج ڪيو ويندو.