حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت ٺٽي ضلعي جي ديھ ڪوهستان جي 711 مڪان ڄنگهڙي، دراوت ڊيم ڪمانڊ ايريا چڪ 7 جي 20 هزار 42 ايڪڙ زمين ناقبولي قرار ڏئي کليل ڪچهرين ذريعي عورتن ۾ تقسيم ڪرڻ جو شيڊول جاري ڇڏيو آهي. چيو پيو وڃي ته ان زمين ۾ 31 ايڪڙ زمين مقامي کاتيدارن جي زمين به شامل آھي جن وٽ مالڪي جو روينيو رڪارڊ به موجود آهي. ان سلسلي ۾ ڪوهستان جي ڳوٺ حاجي الله بخش شورو جي رهواسي کاتيدار جمن شورو پنهنجي گهرڀاتين سميت حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن ٻڌايو ته ديهه ڪوهستان ۾ سندن 31 ايڪڙ اباڻي زمين آھي جنهن کي سنڌ سرڪار ناقبولي قرار ڏئي عورتن ۾ مفت ورهائڻ جو شيڊول جاري ڪيو آهي. ڄاڻايل زمين جا 1914ع کان 1947ع جا کاتا به وٽن موجود آھن. ڄاڻايل کاتن تي 1970ع ۾ ڪراچي-حيدرآباد سپر هاءِ وي جو هو معاوضو به وصول ڪري چڪا آھن. 1986ع ۾ پاس بڪ ذريعي انهن قرض به کنيو. 2005ع ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ زمين آباد ڪرڻ لاءِ واٽر ڪورس به مليو هو. هن چيو ته اسان جي انهن کاتن کي سنڌ حڪومت ۽ روينيو کاتو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي جنهن جي ڪري هو پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ روينيو آفيسن جا ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن. هن اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي سندن زمين بچائڻ لاءِ تحرڪ ورتو وڃي.