
ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ کان وڌيڪ صوبن ۾ ڪم ڪندڙ ادارن مان اولڊ ايج ۽ ويلفيئر فنڊ اوڳاڙي جا اختيار ايف بي آر کي ڏئي ڇڏيا، درخواستگذار جو چوڻ هو ته هڪ کان وڌيڪ صوبن ۾ ڪم ڪندڙ ادارن جا اي او بي آءِ ۽ ورڪر ويلفيئر فنڊ صوبو يا وفاق جمع ڪندو؟ جنهن تي عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته هڪ کان وڌيڪ صوبن ۾ ڪم ڪندڙ ادارا ايف بي آر وٽ فنڊ جمع ڪرائيندا، عدالت فيڊرل بورڊ آف روينيو جي درخواست منظور ڪري ورتي، سنڌحڪومت جي وڪيل چيو ته 18 ترميم تحت اي او بي آءِ ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ صوبن ڏانهن هليا ويا آهن، 18 ترميم کانپوءِ سنڌ پنهنجو قانوني ميڪنزم ٺاهيو آهي، ايف بي آر جي وڪيل چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) موجب اهو معاملو سمورن صوبن جي قانون سازي تائين وفاق وٽ هوندو، سنڌ قانونسازي ڪئي آهي پر ٻين صوبن ۾ مامرو التوا ۾ آهي، هن وڌيڪ چيو ته عدالت سي سي آءِ جو فيصلو تبديل نٿي ڪري سگهي، عدالت چيو ته ان حوالي سان آئين ۾ واضح هدايتون موجود آهن، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪو سي سي آءِ جي فيصلي کي چيلنج ڪرڻ چاهي ته معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اٿاري سگهي ٿو، هن وقت تائين پارليامينٽ جا ڪيترائي گڏيل اجلاس ٿي چڪا آهن پر ڪنهن به صوبي اهو معاملو نه اٿاريو آهي، عدالت جي عبوري حڪم موجب ناظر وٽ جمع ٿيل رقم ايف بي آر کي ڏني وڃي، واضح رهي ته عبوري حڪم هو ته درخواستن تي فيصلو اچڻ تائين ملازمن جي فنڊن جي رقم ناظر وٽ جمع ڪرائي وڃي.