ڪراچي(رپورٽ شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت تازو 19هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ 10 ڪامورن جي مقررين لاءِ اليڪشن ڪميشن کان اجازت گھُري ورتي، ان ڏس ۾ سروسز کاتي صوبائي سروسز جي ايڪس پي سي ايس گروپ سميت مختلف کاتن جي ترقي ماڻيندڙ 10 ڪامورن  جي مقرري لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ويو هو، جنهن آڌار اليڪشن ڪميشن پاران ڄاڻايل 10 آفيسرن جي مقررين بابت باضابطه اجازت ڏني وئي، ذريعن موجب خط ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايڪس پي سي ايس گروپ جي سيد ارشد وارث ۽ وسيم الدين کي پوسٽنگ ڏني وڃي، بورڊ آف روينيو جي 19هين گريڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالفهيم خان کي بورڊ آف روينيو جي آءِ اينڊ اِي شعبي ۾ ريجنل روينيو آفيسر،  توانائي کاتي ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 19هين گريڊ جي حق نواز کي سنڌ ڪول اٿارٽي جو ڊي جي. سروسز کاتي جي ريگيوليشن ونگ جي ايڊيشنل سيڪريٽري جي عهدي تي اضافي طور ويٺل 19هين گريڊ جي عبدالشڪور کي ساڳئي عهدي تي نئين مقرري تائين مستقل ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح 19هين گريڊ جي عروج فاطمه کي ڊائريڪٽر پرائمري حيدرآباد جي آفيس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي خالي پيل عهدي تي مقرري جي سفارش ڪئي وئي آهي، عبدالصمد سمون کي قانون ۽ ابراهيم ميمڻ کي صحت کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جي خالي پيل عهدن تي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، نويد شوڪت جون خدمتون بورڊ آف روينيو ۾ جاري رکڻ ۽ خرم مغل کي پي آءِ يو پراجيڪٽ ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تي مستقل مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف  سنڌ ۾ ڪامورا شاهي جي بدلين ۽ مقررين جو ٻيو مرحلو به شروع ٿيڻ وارو آهي، جنهن دوران  مختلف کاتن جي ايڊيشنل سيڪريٽرين، ڊپٽي سيڪريٽرين ۽ سيڪشن آفيسرن سميت اسسٽنٽ ڪمشنرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون وينديون،