اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت ۽ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايوسيئيشن جي وچ ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ ان ۾ عملو مقرر ڪرڻ واري معاهدي متعلق ڪيس جو تحريري فيصلو جاري ڪندي سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل هيڊ ماسترن ۽ هيڊ ماسترياڻين جي مقرري ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، ڪالهه چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ملازمن جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ان جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن وچ ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ ان ۾ استادن جي مقرري وارو معاهدو ٿيو هو جيڪو 2017ع ۾ ختم ٿي چڪو آهي، ان معاهدي تحت 22 سئو ملين ڊالر ان منصوبي تي خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته سنڌ حڪومت 2013ع ۾ ٿيل معاهدي تي عمل ڪرڻ بجاءِ ان جي آخري سال 2017ع ۾ مرضي جا ماڻهو هيڊ ماسترن ۽ هيڊ ماسترياڻين جي عهدن تي مقرر ڪيا، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قانون مطابق 17 گريڊ جي نوڪري پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڏئي سگهجي ٿي، انهن مقررين ۾ سنڌ حڪومت قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي، عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي ملازمن پاران داخل ڪيل اپيلون خارج ڪري ڇڏيون.