راڄوخاناڻي: ڪمشنر حيدرآباد پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته 4 زخمي ٻارڙا انتھائي نازڪ حالت ۾ آءِ سي يو ۾ داخل آھن جن کي ضرورت پوڻ تي ڪنھن سٺي خانگي اسپتال ۾ موڪليو ويندو، ھن سنڌ حڪومت پاران ھر فوتي لاءِ ھڪ ھڪ لک رپيا پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جڏھن ته ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر پاران ھر زخمي لاءِ ويهه ويهه ھزار روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر پاران ھڪ لک روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، هوڏانهن ڏکوئيندڙ واقعي تي معاون خصوصي براءِ اقليتي امور ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي فوتين جي نالي سهائتا جو اعلان ڪيو ويو آھي ھن فوتي جي لاءِ في ماڻھو 2-2 لک ۽ زخمين جي لاء 50-50 ھزار جو اعلان ڪيو.
حادثي جي ٻن فوتين جي تلهار ڀرسان تدفين، هڪ نينگر لاپتا
تلهار(ن پ ا) تونگ حادثي ۾ فوت ٿيل ڳوٺ مراد ٽالپر واسي ڪولهي برادري جي ڌني زال هرش، هرجي پٽ گينو جي تدفين سعيدپورقبرستان ۾ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخمي هريش، لڇمڻ سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل آهن، جڏهن ته زخمي هريش جو پٽ راهول حادثي بعد لا پتا ٿي ويو آهي، ان کان اڳ فوتين جا مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪرن وقت هر اک الي ٿي وئي. علائقي جو ماحول سواڳوار ٿي ويو.
|