ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام (صوبائي اي ڊي پي) کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو آهي. ان حوالي سان ڪالهه چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پلاننگ کاتي بريفنگ ڏيندي چيو ته سمورن منصوبن جي پي سي ون پلاننگ ڊپارٽمينٽ ۾ آن لائين جمع ڪرائي ويندي. اجلاس ۾ پلاننگ کاتي پاران پي سي ون جي آن لائين فارميٽ بابت ڄاڻ  پڻ ڏني وئي. چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت چيو ته ايندڙ مالي سال 2022-23ع  ۾ سنڌ حڪومت 4100 ترقياتي منصوبن لاءِ 332 ارب رپيا رکيا آھن،  هن سمورن کاتن جي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته سمورا کاتا رٿائن جي پي سي ون آن لائين جمع ڪرائين. رٿائون آن لائين ٿيڻ سان منصوبن ۾ شفافيت ايندي. هن  هدايت ڪئي ته منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي پلاننگ بورڊ  جي چيئرمين حسن نقوي چيو ته پلاننگ کاتو سمورن سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل عملي کي پي سي ون بابت آن لائين ٽريننگ ڏيندو.