حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي سينيئر ۽ اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جيڪو عمران خان جي پٺيان بيٺل آھي اهو غير ملڪي به ٿي سگهي ٿو، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين کي هيلٿ ڪارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت منشيات جي خاتمي لاءِ جهاد ۾ مصروف آھي. ان سلسلي ۾ صحافي سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏين ۽ منشيات فروشن خلاف نشاندهي ڪري خبرون هلائين ته جئين اسان منشيات جو خاتمو آڻي سگهون. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام آھستي آھستي اچي رهيو آھي. ملڪ جو وڏو مسئلو معاشي استحڪام جو آھي جنهن لاءِ سڀني پارٽين کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سرمائيدارن کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو، بدقسمتي سان ملڪ ۾ فقط 5 سيڪڙو ماڻھو ٽيڪس ادا ڪري ٿو. ھن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته صدر آصف علي زرداري گذريل مهيني ٿيل اجلاس ۾ سرڪاري زمينن تي قبضي ۽ ان جي سهولتڪار روينيو عملدارن ۽ منشيات جي خاتمي لاءِ سخت ڪارروائي جون هدايتون ڏنيون آھن.