نواب شاھ/ سڪرنڊ (نمائندن وٽان) ڪجھه ڏينھن اڳ سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ ٿيل واقعي جي 4 شھيدن جي وارثن سان گھرو وزير حارث نواز  ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختياراعجاز ڳوٺ ماڙي جلباڻي پھچي  تعزيت ڪئي،  ان موقعي تي گهرو وزير حارث نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماڙي جلباڻي واقعي تي افسوس آهي، واقعي ۾ جيڪي شھيد ٿيا آهن انھن لاءِ سنڌ حڪومت طرفان 80_  80 لک ۽ زخمين لاءِ 20 لک جو اعلان ڪيو آهي ۽  جلد انھن جي وارثن کي ڪراچي گھرائي اھا رقم انھن حوالي ڪئي ويندي  ۽ انھن جي معصوم اولاد جو پڙھائي جو خرچو به ڏنو ويندو، نگران صوبائي وزير داخلا رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز پاران واقعي واري ڏينھن ڳوٺاڻن جي مارجڻ  بعد ڏنل بيان تي  معذرت پڻ ڪندي چيو ته شروعاتي طور مليل ڄاڻ بعد ڏنل موقف جي معذرت ڪريان ٿو، 4 ڳوٺاڻن جي بيگناھ قتل تي افسوس آهي، هن چيو ته واقعي بابت انڪوائري ھلندڙ آھي، ايندڙ ھڪ ھفتي اندر رپورٽ مڪمل ٿيڻ بعد واقعي جي حتمي رپورٽ سامهون آڻبي، هن چيو ته  ڳوٺ ماڙي جلباڻي   ۾ قتل ٿيلن کي شھيد سمجهان ٿو.