ڪراچي(م ڊ) ناليواري قانوندان ۽ سنڌ جي اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل بيرسٽر ضمير گهمرو چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي پي آر سي جي بنياد تي سنڌ آءِ ڊنٽٽي ڪارڊ (سنڌ سڃاڻپ ڪارڊ) جاري ڪري، شهري هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڊوميسائل اڳ ۾ ئي وفاقي حڪومت جاري ڪندي آهي، جيئن ته وفاقي حڪومت آئين جي شق 27 تحت صوبي ۾ رهندڙ شخص جي مستقل رهائشن بابت ڪو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي اها ڳالهه رڳو صوبو ئي طئي ڪري سگهي ٿو.