ڪراچي: سنڌ حڪومت جي سخاوت! ڏکڻ پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهه ۾ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. مظفر ڳڙهه لاءِ اعلانيل گرانٽ کي الڳ ظاهر ڪرڻ بدران سنڌ جي ايجوڪيشن سيڪٽر واري بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته انهي ٽريننگ سينٽر جي آپريشن تي ايندڙ لاڳت بابت بجيٽ ۾ ڪو به ذڪر ناهي.