ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت تازو 20هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ ڪاموري تي نوازش ڪندي کيس 3 عهدا سونپي ڇڏيا. ان ڏس ۾ صوبائي سيڪريٽريٽ سروس جي 20هين گريڊ جي آفيسر مشتاق سومرو کي 3 اهم پوسٽن تي ويهاريو ويو آهي، ڪول مائنز جي ڊي جي مشتاق سومرو وٽ اڳ ۾ زراعت کاتي جي اداري سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي  ايم ڊي جي اضافي چارج هئي، ڪالهه سنڌ سرڪار کيس توانائي کاتي جي سيڪريٽري جي  لڪ آفٽر واري چارج به سونپي وئي.