سنڌ حڪومت جا وارا نيارا

0
33

عبدالغني کوسو جيڪب آباد مان لکي ٿو

سنڌ سرڪار گذريل سال ڪڻڪ جي امدادي قيمت 22 سئو روپيا مقرر ڪئي جنهن کان پوءِ فوڊ کاتي مليل ٽارگيٽ پورو ڪيو جيڪا ڪڻڪ هن وقت سنڌ جي مختلف گدامن تي اسٽاڪ ٿيل آهي، هاڻي سنڌ سرڪار برسات ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي صورتحال ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار روپيا مقرر ڪئي وئي آهي جنهن وقت سنڌ جا ڪروڙين برسات متاثر ماروئڙا روڊن تي ماني جي ڳڀي لاءِ پريشان آهن، سنڌ سرڪار ان موقعي جو فائدو وٺي واپارين کي هڪ پلاننگ طور فائدو ڏيڻ لاءِ ڪڻڪ جي امدادي قيمت ٻه مهينا اڳ مقرر ڪري ڇڏي آهي. ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي ماروئڙن کي اٽو 200 سئو روپيا ڪلو ملندو اهي ماروئڙا جيڪي برسات جي تباهه ڪارين کان پوءِ چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا هئڻ سبب 50 روپئي وارو ملم نه ٿا وٺي سگهن اهي مسڪين ماڻهو جيڪي مليريا بخار ۾ روڊن تي تڙپي رهيا آهن پر انهن وٽ پيرا سٽامول ۽ پيناڊول گوري وٺڻ جي سگهه ناهي،

انهي صورتحال ۾ ڪڻڪ جو امدادي اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري ته يقين ڄاڻو ته ڪجهه مهينن ۾ قحط جي صورتحال پيدا ٿيندي. ڪجهه سڃاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار ۾ ويٺل ماڻھن پاڻ کي فائدو پهچائڻ لاءِ اهو قدم کنيو آهي ڇو ته برسات متاثرن کي رليف ڏيارڻ جي نالي تي سنڌ حڪومت ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سنڌ ۾ ڪڻڪ کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي من پسند آبادگارن ۾ لکين مڻ ڪڻڪ ٻج ربيع جي فصل جي پوکائي طور ڏيندي ۽ اها ئي سنڌ حڪومت پنهنجي من پسند فلور مل مالڪن کي ڪڻڪ مهيا ڪندي ته برسات متاثرن ۾ اٽو ورهائڻو آهي. هاڻي ان مان اھڙي طرح ڪرپشن ڪندا جيئن ڪنهن کي ڪل ئي نه پوي ڇو ته سنڌ سرڪار ڪجهه مهينا اڳ جيڪا ڪڻڪ 2200 روپين ۾ خريد ڪئي ان جو وڏو اسٽاڪ سنڌ جي مختلف گدامن ۾ پيل آهي، هاڻي انهن گدامن مان اها ئي ڪڻڪ 4000 روپين ۾ فلور ملز جي مالڪن کي غريب ماڻهن کي اٽو مهيا ڪرڻ ۽ برسات متاثرن کي ڪڻڪ جو ٻج ڏيڻ لاءِ نڪرندي، هاڻي هتان اندازو لڳايو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي في مڻ تي 1800سئو روپيا ٽيڪنيڪ سان ڪرپشن ڪري ٿي، جنهن مان صرف ئي صرف سنڌ سرڪار ۾ ويٺل ماڻھن ۽ من پسند واپارين کي فائدو رسندو. سنڌ حڪومت جو هي قدم ڪرپشن کان وڌيڪ ظلم ۾ شامل ٿئي ٿو ڇو ته پنهنجن کي فائدو رسائڻ لاءِ سنڌ ۾ قحط واري صورتحال پيدا ڪرڻ وڏي ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿو. ان لاءِ سنڌ ۾ تازن برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي جيڪا صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ان ۾ سنڌ حڪومت جا وارا نيارا ٿي ويا آهن.