ڪراچي (اسپورٽس نيوز) سنڌ حڪومت عورت باڪسر عاليه سومرو کي 4.65 ملين رپين جي مالي مدد فراهم ڪئي آهي. سنڌ اسيمبلي ميمبر شازيه ڪريم، يوسف بلوچ، ايڊيشنل سيڪريٽري اسد اسحاق ۽ اسد نبيل عاليه سومرو سان ملاقات ڪئي، انهن ۾ اسيمبلي ميمبرن ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري عاليه سومرو کي 4.65 ملين رپين جو چيڪ پيش ڪيو. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شازيه ڪريم چيو ته سنڌ ۾ راندين جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت مختلف راندين لاءِ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام شروع ڪري رهي آهي. ايڊيشنل سيڪريٽري اسد اسحاق چيو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ بيشمار ٽيلنٽ موجود آهي.