ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري سنڌ اربن امووايبل (Immovable) پراپرٽي ٽيڪس ترميمي بل 2024ع  تي صحيح ڪري ڇڏي، انهي بل جي منظوري کانپوءِ سنڌ جي 8 ڪينٽونمينٽ بورڊ ايرياز ۾ اوڳاڙجندڙ پراپرٽي ٽيڪس سنڌ سرڪار ڏانهن منتقل ٿي ويندو، ڪينٽو مينٽ بورڊ معمول موجب پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي جاري رکندا، کين ٽيڪس اوڳاڙي تي 2 سيڪڙو ڪميشن ملندي، باقي 98 سيڪڙو رقم سنڌ حڪومت کي منتقل ٿيندي. ياد رهي ته سنڌ اربن اموو ايبل پراپرٽي ٽيڪس ترميمي بل 2024ع سنڌ اسيمبلي منظور ڪيو هو.