ڪراچي: سنڌ ڪابينا پرڳڻي جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ 61 سيڪڙو آبادي کي صاف پاڻي ۽ صفائي جو سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ سنڌ ٽرانسفارميشن ايڪسيلريٽڊ رورل سروسز (اسٽارز) تحت ”سنڌ پيپلز رورل سول سروسز“ جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 61 سيڪڙو آبادي رهي ٿي، جتي 70 سيڪڙو ماڻهن کي صاف پاڻي ميسر ناهي،  65 سيڪڙو ماڻهن لاءِ صفائي جو مناسب انتظام ناهي. اتي آبادي ۾ واڌ جي شرح  2.5 سيڪڙو آهي ورلڊ بينڪ ٻهراِڙين ۾ صاف پاڻي ۽ صفائي لاءِ 400 ملين ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص سميت 8 ضلعن لاءِ پيپلز  رورل سول سروسز پراجيڪٽ شروع ڪيو پيو وڃي، صاف پاڻي ۽ صفائي لاءِگهرن کان 1000 رپيا ماهوار گڏ ڪيا ويندا.