ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار مختلف کاتن جي صوبائي سروس جي 70 ڊپٽي ڪمشنرن، ڊپٽي سيڪريٽرين ڊپٽي ڊائريڪٽرن، ڊاڪٽرن ۽ انجنئيرن کي 18هين ۽ 19هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري، صوبائي سليڪشن بورڊ ٽو جي منظوري کان پوءِ سروسز کاتي جي اختيارين پاران ترقين لاءِ پينڊنگ رکيل ترقين وارا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته مختلف کاتن جي مجموعي طور تي 49 آفيسرن ۽ ڊاڪٽرن توڙي انجنيئرن کي مٿين گريڊن ۾ ترقيون ڏنيون ويون آهن. ايڪس پي سي ايس گروپ جي 21 ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊپٽي سيڪريٽرين مسعود ڀٽو، ايم بي راجا ڌاريجو، محمد حسين گھانگھرو، نظير سومرو، محمد رفيق، نصرالله عباسي، سليم الله اوڍو، غلام مهدي شاھ، غضنفر علي قادري، شاهنواز سومرو، نويد رحمان لاڙڪ، ڪمال حڪيم، محمد عاصم،  ولي محمد بلوچ، رياض وساڻ، حق نواز، سيد محمد علي، عبد اعليٰ ڀٽي، منظور ڪنراڻي، سميرا حسين ۽ امداد ابڙو کي ايڊيشنل سيڪريٽري طور ريگليور بنياد تي ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ته صوبائي سيڪريٽريٽ سروس جي 17هين گريڊ جي 5 سيڪشن آفيسرن صفدر علي، جمال محمد، محمد هارون اعجاز، محمد رفيق ۽ خالد سيف الله کي 18هين گريڊ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري طور ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ جي 4 پروٽوڪول آفيسرن غلام حمد شيخ، محمد قاسم رضا شاھ ۽ فيصل تسنيم کي 18هين گريڊ ۾ سينيئ.ر پروٽوڪول آفيسر طور ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ثقافت ۽ سياحت کاتي جي 5 آفيسرن غلام سرور چنڙ، بشارت علي، محمد ارشد پاٽولي، شبير لغاري ۽ امتياز ميمڻ کي 19هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر طور ترقي ڏني وئي آهي. اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ٻن سينيئر سبجيڪٽ اسپيشلسٽس مظفر جميل ۽ روشن سولنگي کي 19هين گريڊ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ڏني وئي آهي. صحت کاتي ۾ جنرل ڪيڊر جي 21 وومين ميڊيڪل آفيسرن ڊاڪٽر نازيا، سائره، سويتا ڪمار، انيلا صدف، مائره انجم، مهتاب بانو، سپنا ديوي، مديحه رفيق، شازيا شيخ، شيبا خان، بلقيس جوڻيجو، قرت العين، پروين خان، شائسته شمس، جهان آرا، ڊاڪٽر صائمه شيخ، غلام فاطمه شيخ، ثروت متين، بينش امام، درِ شهوار ۽ ياسمين ميمڻ کي 19هين گريڊ ۾ سينيئر وومين ميڊيڪل آفيسر طور ترقي ڏني وئي آهي. ورڪس اينڊ سروس کاتي جي 7 ايگزيڪيوٽو انجنيئرن جاويد شيخ، لقمانيا راٺوڙ، وحيد شيخ، ستار شيخ، محمد اعجاز اطهر، رفيق ڪلهوڙو ۽ شوڪت عباسي کي 19هين گريڊ ۾ سپرينٽنڊنٽ انجنيئر طور ۽ ورڪس کاتي جي هڪ سينيئر ريسرچ آفيسر نديم صديقي کي 19هين گريڊ ۾ چيف ريسرچ آفيسر طور ترقي ڏني وئي آهي. پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اسماعيل ڪلهوڙو کي 19هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر طور ترقي ڏني وئي آهي. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي 3 ايگزيڪيوٽو انجنيئرن احسان علي شاھ، ثناالله ميمڻ ۽ سڄڻ مل کي 19هين گريڊ ۾ سپرينٽنڊنٽ انجنيئر طور ترقي ڏني وئي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پاران کين مٿين گريڊن ۾ ترقين جي منظوري ڏني وئي هئي. جن جي ترقين وارا نوٽيفڪيشن پينڊنگ رکيا ويا هئا. جيڪي نئين چيف سيڪريٽري جي هدايتن بعد جاري ڪيا ويا آهن.

سنڌ جي 5 يونيورسٽين ۾ ٽن سالن لاءِ ڊائريڪٽر فنانس مقرر

ڪراچي: سنڌ جي 5 يونيورسٽين ۾ ڊائريڪٽر فنانس واري خالي پيل عهدن تي وڏي وزير جي حتمي منظوري بعد ٽن ٽن سالن لاءِ ڊائريڪٽر فنانس مقرر ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان ڪراچي يونيورسٽي ۾ سيد جهانزيب، شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور لاءِ شجاعت علي، سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ محمد عمير کي ٽن ٽن سالن لاءِ ڊائريڪٽر فنانس مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ حسن جاويد ميمڻ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي ۾   جتن ڪمار کي ٽن ٽن سالن جي مُدي لاءِ ڊائريڪٽر فنانس واري عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي.

 

اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ 9 انسپيڪٽرن کي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ترقي

ڪراچي: اينٽي  ڪرپشن کاتي جي 16هين گريڊ جي 9 انسپيڪٽرن علي نواز، ثناالله اعواڻ، صفدر جوڻيجو، منير احمد، عبدالوهاب ٻرڙو،  قاضي شرف الدين، رحمد الله راڄڙ، محمد اسلم ۽ سيد حميل رضوي کي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ترقي ڏيڻ جو نوتيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل انسپيڪٽرن کي وري ڪجهه ڏينهن اڳ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ ترقين جي منظوري ڏني وئي هئي. جنهن بعد سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران سندن ترقين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.