ٽنڊوڄام (رپورٽ: اظهر لوچي) سنڌ جون ست سرڪاري يونيورسٽيون وقتي وائيس چانسلر سان هلڻ لڳيون آهن، سنڌ جي ست يونيورسٽين ۾ مستقل وائيس چانسلر مقرر نه ٿي سگهيا، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف ويٽرنري اينڊ اينمل سائنسز سڪرنڊ، ڊي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻه، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا، صوفي يونيورسٽي ڪراچي جا مستقل وائيس چانسلر مقرر نه ٿي ٿي سگهيا آهن، جڏھن ته يونيورسٽي اينڊ بورڊ کاتي جي سستي سبب مستقل وائيس چانسلر نه ٿي سگهيا، هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر لاءِ ٽن نالن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو، مهينو گذرڻ باوجود وائيس چانسلر مقرر نه ٿي سگهيو، يونيورسٽي اينڊ بورڊ کاتي جي سستي سبب زرعي يونيورسٽي جي لاءِ مستقل وائيس چانسلر جا انٽرويو به نه ٿيا آهين، سنڌ جي ڪيترن ئي يونيورسٽين ۾ عارضي وائيس چانسلر مقرر ٿيل آهين،  مليل ڄاڻ موجب وقتي وائيس چانسلر جو مدو پورو ٿيڻ بعد به سندس وڌيڪ مدو ڏنو ويو، جڏھن ته وقتي وائيس چانسلر جو مدو ٻه مهينا رکيو ويندو آهي، ان اندر ئي وائيس جي مقرر ڪيا ويندا آهين، هن ڀيري وقتي وائيس چانسلر کي ڊبل مدو ڏنو ويو آهي، وقتي وائيس چانسلر کي ڏنل نگراني جي چارج دوران ڪيترن ئي يونيورسٽين ۾ ملازمن جا مظاهرا به جاري آهين، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ملازمن جو ڪيترن ئي ڏينهن کان وائيس چانسلر سيڪريٽ آڏو ڌرڻو به جاري آهي، سندس يونيورسٽي اندر ملازمن جا ڪم، رهتون رڪيل هجڻ سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڌرڻو جاري آهي، ملازمن پاران وقتي وائيس چانسلر کي هٽائي سندس مستقل وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.