ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي پاران صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ استادن ۽ عملي جي حاضري چڪاسڻ لاءِ موبائيل ايپ ذريعي حاضري سسٽم متعارف، پهرين مرحلي ۾ حيدرآباد، ڄامشورو، دادو، عمرڪوٽ سميت 7 ضلعن ۾ موبائيل ايپ شروع ڪرڻ جو فيصلو، ان حوالي سان تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ چيو آهي ته موبائيل ايپ ذريعي استادن جي حاضري کي درست نموني مانيٽر ڪري سگھبو، پهرين مرحلي ۾ حيدرآباد، مٽياري، ڄامشورو، دادو، عمرڪوٽ ۽ ڪشمور  ضلعن ۾ پروجيڪٽ شروع ڪيو ويندو، ايپ ۾ استادن کانپوءِ شاگردن جي حاضري چڪاسڻ جو آپشن به رکيو ويو آهي، آزمائشي پراجيڪٽ ڪامياب ٿيڻ بعد سڄي سنڌ ۾ استادن ۽ شاگردن جي حاضري کي مانيٽر ڪيو ويندو، صوبائي وزير چيو ته ايپ ۾ اسڪول ڪوآرڊينيشن کي به شامل ڪيو ويندو، جنهن جي جيوٽيگنگ جي مدد سان نگراني ڪئي ويندي، انهي   ايپ کي گوگل ميپ سان به ڳنڍيو ويندو، استاد اسڪول جي 100 ميٽرن جي دائري ۾ اها ايپ استعمال ڪري سگھندا، اسڪول اندر لاگ اِن ٿيندڙ استادن جي حاضري کي درست سمجھيو ويندو، هن چيو ته نون استادن جي ڀرتين بعد سنڌ جا 4430 بند پيل اسڪول فعال ٿياآهن