ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران 62 مختيارڪارن کي اسسٽنٽ ڪمشنر طور ترقيون ڏيڻ جي منظوري، ان ڏس ۾ چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٿيل ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي جي اجلاس ۾ روينيو کاتي جي 62 مختيارڪارن کي 17هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ سيڪشن آفيسر جي عهدن تي ترقيون ڏيڻ منظوري ڏني وئي، ذريعن موجب ته ترقيون ماڻيندڙن ۾ محمد نواز گهمرو، غلام قادر نهڙيو، سهيل ميمڻ، وزير بهڻ، طفيل خاصخيلي، شفيق سومرو، قاضي جميل، حسين هڪڙو، امتياز قاضي ۽ ٻيا شامل آهن.