سکر (بيورو رپورٽ) آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروسز (ايس ٽي ايس) هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي سنڌ جي سمورين 6 ڊويزنز ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج داخلا ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ 2024) جي ٻيهر امتحان لاءِ تياري مڪمل ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي، اها ٽيسٽ شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي منعقد ڪئي ويندي ته جيئن ان عمل جي ايمانداري کي يقيني بڻائي سگهجي، هڪ بيان ۾ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ايس ٽي ايس جي سي اي او، پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ چيو ته هڪ اپيڪس ڪاميٽي ۽ سپروائيزري ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي آهي، جيڪا تيزي سان خاص شرطن (ٽي او آرز) تحت تيارين جي نگراني ڪندي، هن زور ڏنو ته ايم ڊي ڪيٽ 2024 جي ٻيهر امتحان لاءِ سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن ته جيئن سنڌ جي هر علائقي، بشمول ڪراچي ۾ امتحان کي بهترين طريقي سان منعقد ڪري سگهجي، ايس ٽي ايس صحت کاتي، سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪائونسل جي نامزد فوڪل پرسنز سان مسلسل رابطي ۾ آهي، امتحان جي تاريخ جو جلد اعلان ڪيو ويندو ۽ سوالن جو پرچو پي ايم ڊي سي جي نصاب جي مطابق تيار ڪيو ويندو، بيان موجب ايس ٽي ايس ڪجهه شرپسند ۽ بدنيت ماڻهن کان به واقف آهي، جيڪي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي کي بدنام ڪرڻ ۽ ٻيهر امتحان جي عمل کي نقصان پهچائڻ لاءِ غلط مهم هلائي رهيا آهن، اهي ماڻهو ڪوڙا بيان پکيڙي هن اهم امتحان جي هموار انعقاد ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان سڀ گڏجي مستقبل جي ميڊيڪل پروفيشنلز جو مستقبل محفوظ ڪري ۽ تعليمي نظام تي عوامي اعتماد مضبوط ڪري سگهون ٿا، سکر آءِ بي اي يونيورسٽي يقيني بڻائيندي ته ايم ڊي ڪيٽ 2024 جو ٻيهر امتحان تمام اعليٰ ايمانداري ۽ شفافيت سان منعقد ڪيو ويندو.