ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ جي 6 تعليمي بورڊن جا وقتي چيئرمين عدالتي حڪمن باوجود اڃا تائين عهدن تي ويٺل، چيئرمينن جي ڀرتي لاءِ اڃا تائين رولز ئي نه ٺهي سگھيا، تعليمي بورڊن ۾ نوان چيئرمين آڻڻ لاءِ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي پاران سومر ڏهاڙي قانون کاتي سان مشورو ڪرڻ جو فيصلو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين سال 2021 ۾ سرچ ڪاميٽي جوڙي ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، شهيد بينظيرآباد جي تعليمي بورڊن ۽ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن بورڊ جي چيئرمينن لاءِ انٽريو ڪرايا هئا، سکر تعليمي بورڊ لاءِ فضيلت مهدي ۽ ميرپورخاص تعليمي بورڊ لاءِ شهيد بينظيرآباد جي بورڊ چيئرمين ڊاڪٽر فاروق الحسن جي ڀيڻ رفيعه پاران انٽرويو ڏنو ويو هو پر کين عهدن تي مقرر نه ڪيو ويو. کاتي پاران رولز نه ٺهڻ جو جواز ڄاڻائي هڪ وائيس چانسلر کي چيئرمين جي واڌو چارج ڏيارڻ کانسواءِ ڊيپوٽيشن توڙي عارضي بنيادن تي 6 چيئرمين مقرر ڪيا هئا، بعد ۾ اهو مامرو عدالت پهچي ويو، ان حوالي سان يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليمي بورڊن ۾ چيئرمينن جي ڀرتي لاءِ رولز ئي نه ٺهي سگھيا آهن، رولز ٺاهڻ لاءِ قانون کاتي کي ڪيترو وقت اڳ خط لکيو ويو هو، جنهن تي قانون کاتي پاران چيو ويو ته تعليمي بورڊن مان رولز لاءِ تجويزون گھرايون وڃن، جنهن بعد يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي سمورن تعليمي بورڊن جي اختيارين کي خط لکي هدايت ڪئي هئي ته ڀرتين وارن رولز بابت تجويزون جمع ڪرايون وڃن پر اڃا تائين هڪ به تعليمي بورڊ تجويز جمع ناهي ڪرائي، جنهن ڪري قانوني مونجھارو پيدا ٿي ويو آهي. جنهن ڪري چيئرمينن جي رولز تحت مقرري وارو معاملو رولڙي ۾ پئجي ويو آهي، قانون کاتي جي مشوري بعد سومر تي چيئرمينن جي قسمت جو فيصلو ڪيو ويندو.