ڪراچي/ ملير (رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ ناز شر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ريسڪيو 1122 صوبي جي ايمرجنسي آپريشنز جي صلاحيتن کي وڌائيندو. وڏين شاهرائن ۽ موٽرويز تي 15 اسٽريٽجڪ سيٽلائيٽ اسٽيشنون قائم ڪري مسافرن ۽ ويجهن برادرين کي ايمرجنسي مدد فراهم ڪئي ويندي، ڪالهه گلشن معمار ۾ کوليل نئين هاءِ وي ريسڪيو اسٽيشن جو افتتاح ڪندي هن چيو ته سڄي صوبي ۾ ايمرجنسي سروسز پهچائڻ لاءِ ريسڪيو 1122 کي تعلقي سطح تائين وڌايو ويندو، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مقرري بابت وڏي وزير چيو ته جناح اسپتال 2 مهينن کان بنا سربراھ جي هلي رهي آهي، عدالت پاران اسپتال جي سربراھه کي ڊيپوٽيشن تي مقرري سبب هٽايو ويو آهي، اهو معاملو گذريل ٻن مهينن کان عدالت ۾ آهي، سڀاڻي سومر تائين معاملو حل نه ٿيو ته سربراھه جي مقرري ڪري توهين عدالت ڪندس، توهان جو حق آهي، ڀلي سزا ڏيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته مون کي ٻيهر سمري موڪلي وئي، جنهن ۾ به 3 نالا ڊيپوٽيشن وارن جا هئا، حقيقت ۾ جناح اسپتال ۾ 19هين گريڊ کان مٿي گريڊ وارو ڪو آفيسر ناهي، عمرڪوٽ ضلعي جي 14008 ايڪڙزمين ڪاپورريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ بابت صوبائي ڪابينا جي سب ڪاميٽي جي ٿيل اجلاس بابت پڇيل سوال جي موٽ ۾ وڏي وزير واضح ڪيو ته مونکي گذريل ڏينهن ڪاميٽي جي ٿيل گڏجاڻي جي خبر ناهي ۽ نه ئي آئون انهي ۾ شريڪ ٿيو هئس، گرين انيشيٽو لاءِ 52 هزار ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي يا ڏني ويندي، اها بنجر زمين آهي، گرين انيشيٽو وارا انهن زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي جو بندوبست پاڻ ڪندا، انهن زمينن تي رهندڙن کي لاڏايو نه ويندو، هن چيو ته گرين انيشيٽو لاءِ غيرآباد زمين استعمال ڪئي ويندي، جنهن جو مقصد ڪارپوريٽ فارمنگ شروع ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار به غيرآباد زمينن کي پوک هيٺ آڻڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ هيٺ اسڪيم آڻي رهي آهي، سهراب ڳوٺ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضن بابت خدشن کي سامهون رکندي وڏي وزير چيو ته هو انڪوائري جو حڪم ڏيندو. هن چيو ته اسان اڳ ۾ ئي سرڪاري ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري زمين تي ڪنهن به قسم جو قبضو نه ٿيڻ ڏنو وڃي ڪراچي انٽربورڊ جي امتحاني نتيجن بابت سوال تي هن چيو ته اسان تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ جديد امتحاني ماڊل متعارف ڪرائڻ ۽ اعليٰ مهارت رکندڙ ماهرن کي مقرر ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون.انهي کان اڳ جناح اسپتال جي حوالي سان وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته2011ع ۾ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ 1185 بسترا ۽ 2339 ملازم هئا، سنڌ حڪومت 2024ع تائين بسترن جي گنجائش وڌائي 2208 ڪئي پر ملازمن جو انگ گهٽجي 1498 تائين رهجي ويو، هن چيو ته عدالت پاران اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ سبب ملڪ جي سڀ کان وڏي اسپتال کي وڏا چيلنج درپيش آهن. وڏي وزير چيو ته مفت علاج سڀني شهرين جو بنيادي حق آهي، 2025ع ۾ نيون عارضي نوڪريون نه ملڻ سان لکين شهري انهي حق کان محروم آهن. 19 ملازمن پاران عدالتي اسٽي آرڊر وٺڻ سبب 2025ع ڄڻا روزگار جي بنيادي حق کان محروم آهن. وڏي وزير چيو ته انهن مسئلن جي حل لاءِ اوورسائيٽ ڪاميٽي کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيئن اسپتالون موثر طريقي سان ڪم ڪن ته جيئن ڪوبه فرد يا گروهه مريضن جي بنيادي حقن ۾ مداخلت نه ڪري. هن وڌيڪ چيو ته مون مختلف چيلنجن کي نظر ۾ رکندي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ کي اوورسائيٽ ڪاميٽي ذريعي منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن پنهنجي قانوني ٽيم کي هدايت ڪئي ته هو جي پي ايم سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي بحالي لاءِ سومر تي عدالت سان رابطو ڪري ته جيئن ملڪ جي سڀ کان وڏي اسپتال عوام لاءِ صحيح نموني ڪم ڪري سگهي. جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ لاءِ جوڙيل اوورسائيٽ ڪاميٽي (او ايس سي) کي اختيار ڏنو ويو آهي ته اها 8 آگسٽ 2023ع کان 7 آگسٽ 2048ع تائين 25 سالن جي عرصي تائين اسپتالن سان لاڳاپيل سمورا فيصلا وٺي، جيستائين وفاقي حڪومت ٻنهي اسپتالن جا انتظامي ۽ آپريشنل ڪنٽرول سنڌ حڪومت حوالي نه ڪري. او ايس سي مريضن لاءِ معياري طبي سهولتون، ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٽيڪنيشين جي تعليم ۽ تربيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ انساني وسيلن سميت سڀني شعبن جي منصوبابندي ۽ انتظام ڪرڻ جي ذميوار هوندي وڏي وزير چيو ته جي پي ايم سي جا ڪجهه مستقل ملازم پاڻ کي وفاقي حڪومت جا مستقل ملازم سمجهن ٿا، اهي صدين کان ايڪسٽينشن تي هلن پيا، انهن ڪوڙا ۽ بي بنياد ڪيس داخل ڪيا آهن جنهن سبب عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، انهي سان مريضن کي پريشاني ٿي رهي آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جناح اسپتال لاءِ 2025ع عارضي ڪلينڪل پوسٽون پيدا ڪيون آهن، جن ۾ 563 ايف سي پي ايس ڊاڪٽر، 878 نرسون ۽ 584 ٽيڪنيشن اسٽاف شامل آهن ته جيئن 1023 بسترن جي اضافي سان گڏ اهل اميدوارن کي روزگار فراهم ڪيو وڃي. صحت واري وزير عذرا پيچوهو آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته جناح اسپتال ۽ اين آ ءِ سي ايچ طبي ادارا 25 سالن جي آپريشنل ڪانٽريڪٽ تي هجڻ ڪري صوبائي حڪومت ريٽائرمينٽ سبب خالي ٿيل پوسٽن تي مستقل ملازمت نٿي ڏئي سگهي.