ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ سرڪار پرڳڻي جي 33 بار ايسوسيئيشنز لاءِ 11 ڪروڙ 60 لک رپين جي گرانٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ بار ڪائونسل کي 5 ڪروڙ، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ڪراچيءَ کي 3 ڪروڙ، حيدرآبادکي 50 لک رپيا ۽ سکر بار کي هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بار بينظير آباد ۽ خيرپور کي 30_30، نوشهرو فيروز، سکر، گھوٽڪي ۽ شڪارپور کي 20_20، سجاول، بدين، مٺي، عمرڪوٽ، ٽنڊو الهيار، حيدرآباد، دادو،  مٽياري بار کي 10_10 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته مختلف تعلقن کي پڻ پنج ۽ ڏهه لک رپيا جاري ڪيا ويا. هوڏانهن ٻٻرلو ءِ ڌرڻي سبب ڪراچي ڊسٽرڪٽ بار کي هيل گرانٽ ملي نه سگهي