ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ 23 ضلعن لاءِ پيٽروليم سوشل ڊولپمينٽ ڪاميٽين جي چيئرپرسنن جواعلان، اڻ چونديل اڳواڻ به نامزد ان ڏس ۾ توانائي واري کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق بدين ضلعي لاءِ اڳوڻي سينيٽر خالده سڪندر منڌرو، دادو لاءِ ايم پي اي صالح شاھه گھوٽڪي ۾ اڳوڻو صوبائي وزير عبدالباري پتافي، حيدرآباد ۾ ايم اين اي سيد حسين طارق ڄاموٽ، جيڪب آباد ۾ ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي، ڄامشوري ۾ اڳوڻو ايم اين اي سڪندر راھپوٽو، قمبر ۾ قمرالدين گوپانگ، ڪشمور ۾ گل محمد جکراڻي، خيرپور ۾ نواب وساڻ، لاڙڪاڻي ۾ محمد علي ڀٽو ، مٽياري ۾ مخدوم جميل الزمان، ميرپورخاص ۾ مير منور ٽالپر ـ نوشھري فيروز ۾ ذوالفقار علي بھڻ، سجاول ۾ ريحانه لغاري، سانگھڙ ۾ ايم اين اي شازيا عطا مري، شھيد بينظير آباد ۾ علي اڪبر جمالي، شڪارپور ۾ ذوالفقار ڪماريو، سکر ۾ سيد فرخ شاھ، ٽنڊي الھيار ۾ ذوالفقار ستار بچاڻي، ٽنڊي محمد خان ۾ سيد اعجاز شاھه، ٿرپارڪر ۾ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي، ٺٽي ۾صادق ميمڻ ۽ عمرڪوٽ ضلعي ۾ نواب تيمور ٽالپر چيئرپرسن هوندا