ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ ثقافت واري نگران وزير ڊاڪٽر جنيد شاهه سان گڏجي گورنر هائوس ۾ سائلن لاءِ لڳايل اميد جي گهنٽي جو دورو ڪيو. نگران صوبائي وزيرن اميد جي گھنٽي کي انوکو قدم قرار ڏنو. ٻنهي صوبائي وزيرن طاقتور پاڪستان تحت راشن بيگز جي رجسٽريشن جي عمل جو به جائزو ورتو. گورنر کين گورنر هائوس جي گيٽ نمبر 1 ٻاهر رکيل لڪي ڊرا باڪس بابت به آگاهه ڪيو.