سنڌ جي 191 مڪاني ادارن کي سوا 5 ارب گرانٽ جاري: ڪراچي جي ختم ڪيل 8 ادارن تي نوازش

0
117
سنڌ جي 191 مڪاني ادارن کي سوا 5 ارب گرانٽ جاري: ڪراچي جي ختم ڪيل 8 ادارن تي نوازش
سنڌ جي 191 مڪاني ادارن کي سوا 5 ارب گرانٽ جاري: ڪراچي جي ختم ڪيل 8 ادارن تي نوازش

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار ختم ڪيل ڪراچي ضلعي ڪائونسل، 7 ضلعي ميونسپل ڪارپوريشنز ( ڊي ايم سيز ) سميت پرڳڻي جي ميونسپل ڪاپوريشنن،  ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽين کي او زيڊ ٽي فنڊن جي مد ۾5،366.045 ملين (5 ارب 36 ڪروڙ 60 لک رپيا) جاري ڪري ڇڏيا، ناڻي کاتي جي اختيارين پاران او زيڊ ٽي فنڊ جي مد ۾ رقم لاڳاپيل اختيارين ڏانهن اماڻي وئي بدين ميونسپل ڪاميٽي  کي 27.657، ٽائون ڪاميٽي ڪڍڻ کي 5.703 ملين، ٽائون ڪاميٽي نندو کي 6.000 ملين شهيد فاضل راهو ٽائون ڪاميٽي کي 11.883 ملين، ٽائون ڪاميٽي ڪڙيو گھنور کي 6.126 ملين، ٽائون ڪاميٽي تلهار کي 17.372 ملين، راڄو خاناڻي ٽائون ڪاميٽي کي 5.178 ملين، ٽنڊوباگو ٽائون ڪاميٽي کي 16.190 ملين، کوسڪي ٽائون ڪاميٽي کي 10.664 ملين، پنگريو ٽائون ڪاميٽي کي 4.785 ملين جاري ڪيا ويا آهن

اهڙي طرح گھوٽڪي ضلعي جي ميونسپل ڪاميٽي گھوٽڪي کي 41.373 ملين، ميرپورماٿيلو ميونسپل ڪاميٽي کي 48.009 ملين، ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي کي 32.877 ملين، ٽائون ڪاميٽي خانڳڙهه کي 17.489 ملين، ٽائون ڪاميٽي عادلپور کي 3.515 ملين ۽ ٽائون ڪاميٽي اوٻاوڙو کي 19.161 ملين جاري ڪيا ويا سکر ميونسپل ڪارپوريشن کي 166.716 ملين، ٽائون ڪاميٽي باگڙجي کي 2.951 ملين، ٽائون ڪاميٽي پنو عاقل کي 29.201 ملين، ميونسپل ڪاميٽي روهڙي کي 51.024 ملين، ٽائون ڪاميٽي ڪنڌرا کي 6.329 ملين ۽ ٽائون ڪاميٽي صالح پٽ کي 16.845 ملين جاري ڪيا ويا آهن

خيرپور ضلعي جي ٽائون ڪاميٽي پڪا چانگ کي 15.272 ملين، ٽائون ڪاميٽي ڪرونڊي کي 2.286 ملين، ميونسپل ڪاميٽي گمبٽ کي 19.641 ملين، ٽائون ڪاميٽي کهڙا کي 10.938 ملين، ميونسپل ڪاميٽِي خيرپور کي 75.087 ملين، ميونسپل ڪاميٽي ڪنگري (پير ڳوٺ) کي 18.908 ملين، ٽائون ڪاميٽي ڪوٽڏيجي کي 15.912 ملين، ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو کي 19.190 ملين، ٽائون ڪاميٽي هنڱورجا کي 11.489 ملين، ٽائون ڪاميٽي راڻيپور کي 15.090 ملين، ٽائون ڪاميٽي ٺري ميرواھ کي 12.162 ملين جاري ڪيا ويا. دادو ميونسپل کي 45.783 ملين، ٽائون ڪاميٽي ڦلجي اسٽيشن کي 4.244 ملين، ميونسپل ڪاميٽي جوهي کي 21.887 ملين، ميونسپل ڪاميٽي ڪي اين شاھ کي 22.784 ملين، ٽائون ڪميٽي سيتا روڊ کي 11.949 ملين، ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ کي 26.597 ملين، ٽائون ڪميٽي راڌڻ کي 12.441 ملين، ٽائون ڪاميٽي ٿرڙي محبت کي 5.706 ملين جاري ڪيا ويا حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن کي 175.502 ملين، ختم ڪيل ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊوڄام کي 29.024 ملين ۽ ٽائون ڪاميٽِي هوسڙي کي 3.954 ملين جاري ڪيا ويا

ڪوٽڙي ميونسپل کي 27.632، ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙي کي 22.146 ملين، ٽائون ڪاميٽي ڄامشوري کي 13.281 ملين، ٽائون ڪاميٽي مانجھند کي 4.874 ملين، ٽائون ڪاميٽي سن کي 6.299 ملين، ميونسپل ڪاميٽي سيوهڻ کي 33.953 ملين، ٽائون ڪاميٽي ڀان سعيدآباد کي 13.512 ملين ۽ ٽائون ڪاميٽي ٿاڻو بولا خان کي 8.204 ملين جاري ڪيا ويا آهن. مٽياري ضلعي جي ميونسپل ڪاميٽي هالا،  ڀٽ شاھ، ٽائون ڪاميٽي پراڻو هالا، ٽائون ڪاميٽي مٽياري، ٽائون ڪاميٽي کيبر، ٽائون ڪاميٽي اڏيرو لال ۽ ٽائون ڪاميٽي سعيد آباد، ٽنڊوالهيار ضلعي جي ٽائون ڪاميٽي چمبڙ، ٽائون ڪاميٽي سنجر چانگ، ٽائون ڪاميٽي پيارو لنڊ، ٽائون ڪاميٽي نصرپور ۽ ٽائون ڪاميٽي سلطان پور کي به او زيڊ ٽي جي مد ۾ رقم جاري ڪئي وئي آهي

اهڙي طرح ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو غلام حيدر، ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊومحمد خان، سجاول ضلعي جي ٽائون ڪاميٽِي سجاول، ٽائون ڪاميٽي جاتي، ٽائون ڪاميٽي ميرپوربٺورو کي به رقم جاري ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ميرپورخاص، ٿرپارڪر.عمرڪوٽ، شهيد بينظيرآباد، نوشهروفيروز، سانگھڙ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت ٻين ضلعن جي مجموعي طور تي 191 ميونسپل ڪارپوريشنز، ضلعي ڪائونسل ڪراچي، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽين کي مجموعي طور تي 5،366.045 ملين جاري ٿيا آهن