ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 500 نان فارمل ايجوڪيشن مرڪز قائم ڪرڻ جو معاهدو ڪري ڇڏيو، غير رسمي تعليم ذريعي پٺتي پيل علائقن جي 15 هزار ٻارن کي 30 مهينن ۾ پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڏني ويندي. ان حوالي سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي تعليم کاتي جي سيڪريٽري  زاهد عباسي چيو ته جيڪب آباد، ڪشمور، ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ خواندگي جو تناسب گهٽ آهي، اتي 15 هزار ٻارن کي نان فارمل تعليم ڏبي.