ڪراچي: خيرپور، سانگھڙ، ميرپورخاص ۽ ڪراچي سميت 13 ضلعن ۾ اليڪشن ڏهاڙي جھيڙن جو امڪان ظاهر، مختلف ادارن پاران ماضي ۾ اليڪشن دوران مختلف ضلعن ۾ سياسي پارٽين ۾ ٿيل جھيڙن  بابت به سنڌ حڪومت کي تفصيلي آگاهي ڏني وئي آهي. ان حوالي سان اختيارين پاران سنڌ حڪومت حوالي ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمرڪوٽ، ٽنڊي الهيار، خيرپور ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي، شهيد بينظيرآباد ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ پيپلز پارٽي، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ جھيڙن جو خدشو آهي. اهڙي طرح ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ وري پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم توڙي نواز ليگ وچ ۾ ماضي جي عام چونڊن ۾ جھيڙا ٿيندا رهيا آهن. هن ڀيري به ڪراچي ۾ ڄاڻايل پارٽين وچ ۾ جھيڙن جو امڪان ظاهر ڪندي اڳواٽ اپاءُ وٺڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي