ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) هن تصوير ۾ موجود گاڏي جو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ان جي قيمت ڪيتري آهي، برطانيا جي تيار ڪيل هن ڪار جو نالو لا روز نائر ڊراپٽيل La Rose Noire Droptail آهي. جيڪا دنيا جي سڀ کان مهانگي ڪار آهي. 1930ع جي ڏهاڪي جي سڀ کان مهانگين ٻيڙين کان متاثر ٿي ٺاهيل هن گاڏي جي قيمت حيران ڪندڙ آهي. ڪمپني جو ڪو واضح اعلان ته سامهون نه آيو آهي پر هڪ ڪاٿي موجب ان جي قيمت 3 ڪروڙ ڊالرن ( 8 ارب 88 ڪروڙ رپين) کان وڌيڪ هوندي. هي رڳو 4 گاڏيون ٺاهيون وينديون ۽ هر گاڏي مالڪ جي مرضي موجب ڊزائن ڪئي ويندي. هن گاڏي ٺاهڻ ۾ 5 سال لڳا آهن ان جي انجڻ 6.7 ليٽر وي 12 جي 593 هارس پاور جي آهي. ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جي ميلاپ واري رنگ جي هي گاڏي جي ڊزائن گلاب جي پنکڙين جهڙي آهي. گاڏي جي پهرئين خريدار جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي آهي پر اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهي امير زال مڙس آهن. هي پنجن سيڪنڊن ۾ 62 ڪلوميٽر رفتار پڪڙي سگهي ٿي ۽ ان جي مجموعي رفتار 155 ميل في ڪلاڪ آهي. ان کان اڳ سڀ کان مهانگي گاڏي بوٽ ٽائي هئي جنهن جي قيمت 2 ڪروڙ 80 لک ڊالر هئي. هن گاڏي جي قيمت سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جي مجموعي بجيٽ کان به وڌيڪ آهي.