سنڌ جي ڪوھستان پٽي، جيڪا سنڌ جي اتر- اولھ واري حصي ۾ واقع آهي، پنهنجي منفرد جاگرافيائي، ثقافتي ۽ تاريخي اهميت جي ڪري سڃاتي وڃي ٿي. هي علائقو ڄامشوري، دادو، ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعن تي مشتمل آهي ۽ پنهنجي قدرتي حسن، تاريخي ماڳن مڪانن ۽ قديم تهذيبن جي نشانين جي ڪري مشهور آهي.
ڪوھستاني پٽيءَ جي تاريخ قديم آهي. هتي موجود آثار قديمه ۽ تاريخي شاهديون ٻڌائين ٿيون ته هي علائقو سنڌو تهذيب جو اهم مرڪز رهيو آهي۔ مشهور محقق مشڪور ڦلڪارو پنهنجي ڪتاب “سنڌ جي ڪوھستان جو تاريخي جائزو” ۾ لکي ٿو ته موهن جو دڙو پنج هزار سالن بدران پنجويهه هزار سال پراڻو آهي، جنهن لاءِ هن ھند جي مشهور تاريخدان گنگارام سمراٽ جي ڪتاب ‘سنڌو سووير’ جو حوالو به ڏنو آهي۔ ڪوهستان ۾ اڄ به اهڙيون ڪيتريون ئي شاهديون موجود آهن، جن کي پرکڻ سان اسان سنڌي تهذيب کي دنيا جي قديم ترين تهذيب ثابت ڪري سگهون ٿا۔ڪوھستاني پٽيءَ ۾ مختلف ثقافتي رنگ موجود آهن۔ هتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، موسيقي، روايتون ۽ لوڪ داستانن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ آهي۔ مقامي ميلن، جهڙوڪ رتن ناٿ ۽ ڄام لوھار جو ميلو, پير باقر شاھ جيلاني ۽ منگل گر ۽ ٻال پري جا ميلا هتي جي ثقافتي ورثي جا اهم حصا آهن!
ڪوھستاني پٽي قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي۔ هتي جي جبلن ۾ معدنيات، جهنگلي جيوت ۽ نباتات جي گهڻائي موجود آهي۔ هي علائقو ماحولياتي لحاظ کان پڻ اهم آهي، جتي جهنگلي جيوت جون محفوظ پناھ گاهون ۽ قدرتي ڍنڍون ڍورا ۽ نئيون موجود آهن۔
موجوده مسئلا ۽ زمينن تي غيرقانوني والار
بدقسمتيءَ سان ڪوھستاني پٽي هن وقت زمينن تي غيرقانوني والار ۽ قبضن جي ڪري سخت مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي۔ هتي جي قيمتي زمينن تي مقامي بااثر وڏيرن، سردارن، چونڊيل نمائندن ۽ روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪيو پيو وڃي۔
بحريا ٽائون ۽ ٻين منصوبن لاءِ زمينن جي والار
بحريا ٽائون جي قيام کان پوءِ ڪوھستان ۾ زمينن جي وڪري جو هڪ خطرناڪ دور شروع ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو رات وچ ۾ ڪک پتي مان ارب پتي ٿي ويا۔ ڪوھستان جون قيمتي زمينون سرڪاري ادارن جي مدد سان خانگي هائوسنگ اسڪيمز، انڊسٽريل زونز ۽ مخصوص قبضا گروپن جي حوالي ڪيون ويون۔ ڪجهه اهم انگ اکر هيٺ ڏجن ٿا:
بحريا ٽائون فيز 1: 10,000 ايڪڙ (کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمين)
بحريا ٽائون فيز 2: 89,000 ايڪڙ (تعلقي ٿاڻو بولا خان جي پنجن ديھن جي زمين)
ڊي ايڇ اي سٽي: 5,000 ايڪڙ (ديھ ٻٻر ٻنڌ، ٿاڻو بولا خان)
اي ايس ايف سٽي: 10,000 ايڪڙ
سيون ونڊر سٽي فيز 1: 2,500 ايڪڙ
نيول انڪروچمينٽ سوسائٽي: 5,000 ايڪڙ
ڪمانڊر سٽي: 1,500 ايڪڙ
ننڍيون هائوسنگ اسڪيمون: 5,000 ايڪڙ
نوري آباد انڊسٽريل زون: 10,000 ايڪڙـ سرڪاري زمين غيرقانوني طور قبضي ھيٺ.
بحريا ٽائون انڊسٽريل اسٽيٽ: 20,000 ايڪڙ (ڪارو جبل سميت)
صائما مڊ سٽي: 1,000 ايڪڙ
رومي سٽي: 1,500 ايڪڙ
سيون ونڊر سٽي فيز 2، انڊس انڪليو، ۽ ٻين اسڪيمن وٽ: 2,500 ايڪڙ
ڊي ايڇ اي سٽي لاءِ جنگشاهي تعلقي ٺٽي مان ورتل زمين: 10,000 ايڪڙ
ٺٽي واري ڪوھستان جي 50 ھزار ايڪڙ زمين ھوا مان بجلي پيدا ڪندڙ منصوبن جي والار هيٺ آھي
ضلعي ڄامشوري جي تعلقي ٿاڻو بولا خان جي ڇھن ديھن جي ٽوٽل 163000(ھڪ لک ٽيھٺ ھزار) ايڪڙ زمين والار ھيٺ آھي! جتي سوين قديمي ڳوٺ, تاريخي ماڳ مڪان, جبل, نئيون, ڍورا, جھنگلي جيوت جون محفوظ پناھ گاھون شامل آھن. ان سموري زمين جي غيرقانوني وڪري مان فراڊ، جعلسازي ذريعي روينيو عملدارن سميت بروڪرن, وڏيرن، بااثر سياسي شخصيتن, وزيرن, مشيرن توڙي ٻين سرڪاري ادارن گڏيل طورتي کربين روپين کان وڌيڪ رقم جي ريڪارڊ ڪرپشن ڪئي آھي! ايڏي وڏي رقم چند فردن جي ذاتي کيسن ۾ وئي آھي ۽ اڄ تائين انھن خلاف ڪو احتساب بـ نـ ٿيو.
ڪوھستان جي زمينن تي ٿيل والار رڳو مالي اسڪينڊل ناهي، بلڪه اها هڪ سماجي ناانصافي ۽ استحصال جو وڏو مثال آهي۔ مقامي ماڻهو، جيڪي صدين کان انهن زمينن جا حقدار رھيا آھن، انهن کان سندن حق ڦريو ويو۔ عام ماڻهو لاءِ فوتي کاتو، سيل سرٽيفڪيٽ يا زمين جو ڪو به قانوني دستاويز حاصل ڪرڻ ناممڪن بڻايو ويو آهي، جڏهن ته مخصوص ماڻهن جا ڪم نجي بنگلن مان ٿيل اين او سي ذريعي آسان بڻايا ويا آهن۔ ھن سموري ميگا ڪرپشن, غير قانوني والار ۽ قبضا مافيا خلاف ھيٺيان موثر قدم کنيا وڃن:
* سنڌ هاءِ ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺي، غيرقانوني زمينن جي الاٽمينٽ جي جانچ ڪرائڻ گهرجي۔
* نيب کي ڪرپشن ۾ ملوث سڀني اختيارين، سياسي شخصيتن ۽ روينيو عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي۔
* ڪوھستان واسين کي متحد ٿي پنهنجي حقن لاءِ منظم آواز اٿارڻ گهرجي۔
* قومي ۽ بين الاقوامي ميڊيا کي ڪوھستان جي غيرقانوني زمينن جي وڪري بابت تفصيلي رپورٽون سامهون آڻڻ گهرجن۔
ڪوھستان جي قيمتي زمينن تي ٿيل غيرقانوني والار سنڌ جي وحدانيت تي وار ۽ هڪ وڏو نقصان آهي۔ جيڪڏهن انهيءَ والار توڙي ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ سنجيده قدم نه کنيا ويا ته مقامي ماڻهن جا حق مڪمل طور تي ختم ٿي ويندا، ڪوھستان ۾ قدرتي وسيلن جي تباهي ناقابل واپسي بڻجي ويندي۔ اڃا بـ وقت آهي ته عوام، سول سوسائٽي، ۽ عدليا هن معاملي تي سخت موقف اختيار ڪري، جيئن ڪوھستان واسين کي سندن جائز حق ملي سگهن ۽ ايندڙ نسل لاءِ قدرتي وسيلن جي حفاظت ممڪن بڻائي سگهجي۔