ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه پلاننگ، اسٽيوٽا ۽ صحت کاتي جي ڊاڪٽرن کي 20هين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه وڏي وزير سيد مراد شاھه جي صدارت ۾ سليڪشن بورڊ ون جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گذريل اجلاس دوران رهجي ويل 3 کاتن پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، اسٽيوٽا ۽ صحت کاتن جي 19هين گريڊ جي آفيسرن/ڊاڪٽرن  کي مٿين گريڊن ۾ ترقين جي منظوري ڏني وئي، ڄاڻ موجب ته اسٽيوٽا جي ٻن آفيسرن ذوالفقار جتوئي ۽ عبدالغني ميمڻ کي 20هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر ۽ 19 ڄڻن کي 20هين گريڊ ۾ پروفيسر طور ترقين جي منظوري ڏني وئي، اهڙي طرح صحت کاتي جي مختلف ڊاڪٽر ن کي 20 گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي.