ڪر اچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌو درياءُ بچاءُ تحريڪ پاران 11 مئي تي ڪراچي ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ هڪ وڏي عوامي جلسي جو اعلان ڪيو ويو آهي. عادل هائوس ڪراچي/ڏسو صفحو 7 بقايا 44
۾ ٿيل اجلاس جي صدارت تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه ڪئي.اجلاس ۾ تحريڪ ۾ شامل مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جن ۾ جي ڊي اي اڳوڻ پير سيد صدرالدين شاهه راشدي، صفدر عباسي، حسنين مرزا، سردار رحيم، راحيلا مگسي، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مسرور سيال، ڪراچي جي صدر راجا اظهر، جماعت اسلامي جي محمد يوسف، مجاهد چنا، جيئي سنڌ محاذ جي رياض چانڊيو، عوامي جمهوري پارٽي جي پرويز ابڙو، حريف چانڊيو، قومي عوامي تحريڪ جي مظهر راهوجو، فرحان لاڙڪ، ۽ نيشنل پيپلز پارٽي جي مسرور جتوئي ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ جي عوام جي مضبوط جدوجهد جي نتيجي ۾ درياءُ سنڌ تي نون ڪينالن جو تڪراري منصوبو عارضي طور ملتوي ڪيو ويو آهي، جيڪو سنڌ واسين جي وڏي ڪاميابي آهي پر حڪومت جي سنڌ دشمن پاليسين جو سلسلو اڃا به جاري آهي.اڳواڻن چيو ته ڪينالن جو عارضي طور ملتوي ٿيڻ سنڌ جي باشعور عوام، هارين، وڪيلن، شاگردن، مزدورن ۽ صحافين جي گڏيل جدوجهد جو نتيجو آهي. اجلاس دوران سي سي آءِ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو ويو ۽ سنڌ جي حقن جي جنگ جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو. اجلاس ۾ چيو ته سي سي آءِ آئين جي آرٽيڪل 155(2) جي ڀڃڪڙي ڪندي درياءُ سنڌ تي تڪراري ڪينالن جو فيصلو ڪري انهن کي بيوروڪريسي جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، جنهن سان ڪنهن به وقت ٻيهر سنڌ جي پاڻي تي حملو ٿي سگهي ٿو. ڪارپوريٽ فارمنگ تحت پرڏيهي ڪمپنين کي ڏني ويئي زرعي زمين فوراً رد ڪئي وڃي. جيڪڏهن فوڊ سيڪيورٽي بابت خدشا آهن ته سنڌ، پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين علائقن جي زرخيز زمينن کي جديد ٽيڪنالاجي سان وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي.