سنڌ جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ڪنهن کي نه ڏينداسين: مراد علي شاهه

0
34
سنڌ جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ڪنهن کي نه ڏينداسين: مراد علي شاهه
سنڌ جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ڪنهن کي نه ڏينداسين: مراد علي شاهه

ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي  ته سنڌ جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ڪنهن کي نه ڏينداسين، اسان سنڌو درياهه مان سنڌ جي مرضيءَ کانسواءِ ڪئنال ڪڍڻ وارو معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي ويا آهيون، جيڪڏهن سي سي آءِ جي فيصلي کان اڳ ڪئنال ڪڍيا ويا ته اهو عمل غير آئيني هوندو. ڪوٽڙيءَ ۾ ملڪ هائوس تي ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر علي شوري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وڌيڪ چيو  ته آئين چوي ٿو  ته جيڪڏهن پاڻيءَ سميت ڪنهن به معاملي تي ڪنهن صوبي کي اعتراض هوندو ته اهو صوبو پنهنجا اعتراض سي سي آءِ ۾ کڻي ويندو، اسان سنڌو درياهه مان چولستان سميت ٻيا ڪئنال ڪڍڻ وارو معاملو  به سي سي آءِ ۾ کڻي ويا آهيون، جيڪڏهن سي سي آءِ جي فيصلي کانسواءِ ڪئنال ٺهن ٿا ته اهو عمل غير آئيني هوندو. هن “پنهنجي اخبار” طرفان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ جي اعتراضن باوجود گريٽر ٿل ڪئنال هڪڙي آمر جي دور ۾ ٺهيو هو پر ڪا به سياسي حڪومت ڪئنالن سميت ڪنهن به معاملي تي سي سي آءِ جي منظوري کانسواءِ ڪڏهن  به غير آئيني فيصلو نه ڪندي، هن چيو  ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڪئنالن جي معاملي تي ڪڏهن  به سنڌ جي مفادن خلاف ڪو فيصلو ڪرڻ نه ڏيندي. هن چيو ته ريڻي ڪئنال فلڊ ڪئنال آهي ۽ اهو به صرف ٻوڏ دوران وهايو ويندو آهي. هن چيو ته  اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جو ڌرڻو پرامن نه هو، هر ڪنهن ڏٺو  ته پي ٽي آءِ وارن وٽ هٿيار به هئا ۽ آنسو گئس جا شيل به هئا، اهڙو ڌرڻو پرامن ناهي هوندو. هن چيو  ته پيپلز پارٽي ڪنهن به سياسي جماعت تي پابندي جي حامي ناهي پر اهڙي قسم جي سياسي جماعت کي به پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي ۽ تشدد واري پاسي کيس نه وڃڻ گهرجي. هن چيو  ته صحافي مطيح ﷲ تي جيڪڏهن غلط ايف آءِ آر ٿي آهي ته اسان ان جي مذمت ڪيون ٿا. هن چيو  ته اسان نوڪريون ڏنيون پر عدالت انهن تي پابندي لڳائي ڇڏي، هاڻي  به ڪوشش ڪري ماڻهن کي روزگار ڏينداسين، پيپلز پارٽي جڏهن به اقتدار ۾ ايندي آهي ته ماڻهن کي روزگار ڏيندي آهي. ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي بحران بابت سوال تي هن چيو ته ميونسپل ٻولهاڙيءَ ۾ جلد ئي واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون ڏينداسين، جنهن بعد پاڻيءَ جو بحران ختم ٿي ويندو. ٻئي پاسي پيپلز پارٽيءَ جي 57 هين يوم تاسيس جي جلسي کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي 57 هين يوم تاسيس جي جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ تي ڪارڪنن ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1967ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد رکيو ۽ اتان کان ئي عوام لاءِ حقيقي جدوجهد جي شروعات ٿي.