سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ واڌ شروع اچڻ شروع وئي. ٻئي وڏا ڊيم ڀرجڻ جو سلسلو وڌايو ويو. تونسا بيراج وٽ پاڻي 3  لک 22 هزار ڪيوسڪ کان چڙهي ويو ۽ اتي وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي. تازين برساتن بعد مٿاهين پاسي پاڻي وهڪرن ۾ واڌ اچڻ شروع ٿي وئي آهي. ٽن مهينن کان مجموعي پاڻي ذخيرا وڌي 40 لک 90 هزار 6 سئو ڪيوسڪ ٿي ويا. هلندڙ سال دوران سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ٽنهي بيراجن وٽ پاڻي کوٽ ختم ٿي وئي آهي. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ 88550 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. تربيلا ڊيم وڏو وقت ڊيڊ ليول تي هجڻ بعد ڪالهه 1509.3 فٽ سطح تي پهتو. تربيلا جو مٿاهون وهڪرو 230000 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 117000 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته منگلا ڊيم ۾ به پاڻي جي سطح وڌي 1137.4 فٽ ٿي وئي آهي. ڪابل ندي ۾ ننڍي ٻوڏ آهي، جتي نوشهري وٽ پاڻي 61400 ڪيوسڪ تي پهتو آهي. تونسا بيراج وٽ مٿاهين پاسي 322517 ۽ هيٺاهين پاسي 315217 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بيراج وٽ پاڻيءَ جو مٿاهون وهڪرو وڌي 216294 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي ۽ هيٺاهون وهڪرو 196984 رڪارڊ ڪيو ويو. ارسا ۽ آبپاشي کاتي سنڌ جي انگن اکرن موجب سکر بيراج جي مٿاهين پاسي 148200 ۽ هيٺاهين پاسي پاڻيءَ وهڪرو 125050 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪوٽڙي بيراج وٽ ڪالهه مٿاهون وهڪرو 99375 ڪيوسڪ ٿي ويو. برساتن سبب ڪئنالن جي کڻت گهٽائي وئي جنهن ڪري هيٺاهين پاسي 88550 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. هوڏانهن پنجنند وٽان به سنڌو ۾ 32288 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. امڪان آهن ته ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران پاڻي چاڙهه بعد گڊو بيراج وٽ ننڍي درجي جي ٻوڏ ٿي ويندي.