سنڌ جي ٻي وڏي جناح اسپتال مسئلن جو ڳڙهه: 1307 پوسٽون خالي: مريض رلي ويا

0
42
سنڌ جي ٻي وڏي جناح اسپتال مسئلن جو ڳڙهه: 1307 پوسٽون خالي: مريض رلي ويا
سنڌ جي ٻي وڏي جناح اسپتال مسئلن جو ڳڙهه: 1307 پوسٽون خالي: مريض رلي ويا

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي ٻي وڏي اسپتال جناح مسئلن جو ڳڙهه بڻجي وئي، 6500 مريضن جي او پي ڊي رکندڙ  اسپتال ۾ انتظامي عهدن سميت هڪ کان گريڊ 20 جون 1307 پوسٽون خالي، مريض رلي ويا،  ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب سنڌ جي ٻي وڏي جناح اسپتال ۾ مريضن لاءِ سهولتن جي اڻهوند سميت انتظامي بحران به پيدا ٿي ويو آهي، ”پنهنجي اخبار“ کي مليل دستاويزن موجب  جناح اسپتال ۾ گريڊ هڪ کان 20 جي اهم انتظامي ۽ مختلف شعبن جي سربراهن (ايچ او ڊيز)، ايسوسيئيٽ پروفيسرن، مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن، فارماسسٽس ۽ ٽيڪنيشنز ۽ ٻئي هيٺين عملي جي 2915 پوسٽن تي 1608 ملازم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته   1307 پوسٽون خالي پيل آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسپتال ايندڙ مريضن کي به سخت ڏکيائين کي منهن ڏسڻو پوي ٿو. جائزي دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته هڪ پاسي مريضن کي اسپتال اندر دوائن سميت ويٽنگ روم ۽ ليبارٽري جون بهتر سهوليتون نه پيون ملن ته ٻئي پاسي سرجيڪل، ايمرجنسي ميڊيسن،  هڏن، ڏندن، اکين، يورولاجي، نيورولاجي، گائناڪالاجي سميت ٻين شعبن ۾ پروفيسرن کان وٺي ٽيڪنيشنز جون پوسٽون خالي هجڻ سبب مريضن کي سخت تڪليف پيش اچي رهي آهي. مليل ڄاڻ موجب ته جناح اسپتال ۾ 20هين گريڊ جي انتظامي پوسٽ جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر خالي پيل آهي، ميڊيسن شعبي جي پروفيسر جون 4، جنرل  سرجري جون 3 ۽ هڏن جي سرجن جون 3 پوسٽون خالي پيل آهن، ساڳئي ريت اِي اين ٽي جون 2، نيورولاجي جون 3، ڪلينيڪل پيٿالاجي جي هڪ، ريڊيوٿراپي جي هڪ، ميڊيڪل آءِ سي يو جي هڪ، پلاسٽڪ سرجري جي هڪ، چيسٽ ميڊيسن جي هڪ، يورولاجي جي هڪ، آنڪالاجي جي هڪ، ايڪسيڊنٽ اينڊ ايمرجنسي ميڊيسن جي هڪ، گيسٽرولاجي، هيموٽولاجي، پيٿالوجي جي پروفيسر هڪ هڪ پوسٽ خالي پيل آهن. چيف آف نرسنگ ۽ نرسنگ ڪاليج جي پرنسپال جي به هڪ هڪ سيٽ  پڻ خالي پيل آهي. جڏهن ته ميڊيسن شعبي جي ايسوسيئيٽ پروفيسرن جون 5 مان 4، ، جنرل سرجري جون 4 مان 2، ڊرمولاجي، فزيولاجي، آءِ سي يو، ٿروپڪ سرجري جي ايسوسيئيٽ پروفيسرن جون هڪ هڪ پوسٽون خالي پيل آهن. اهڙي طرح اِي اين ٽي ۽ ريڊيولاجي جي ايسوسيئيٽ پروفيسرن جون 2_2 پوسٽون پڻ خالي پيل آهن،جائزي دوران معلوم ٿيو ته جناح اسپتال ۾ روزانو 6 کان 7 هزار مريض رڳو او پي ڊيز ۾ اچن ٿا. جتي ڊاڪٽرن پاران چڪاسڻ بعد کين دوائون سرڪاري اسٽور( فارميسي )بجاءِ ٻاهران گھرائڻ جا مشورا ڏنا ويندا آهن. جڏهن ته جناح اسپتال جي ريڊيولاجي شعبي ۾ به سي ٽي اسڪين، ايم آر آءِ سميت ٻين ٽيسٽن لاءِ انجڪيشن کان وٺي سرنج تائين سامان نه ڏيڻ سان گڏ مريضن کان خانگي ليبارٽرين جيتري في ورتي وڃي ٿي. ان حوالي سان جناح اسپتال ۾ پهتل مريضن جو چوڻ هو ته سنڌ جي ٻي وڏي جناح اسپتال جي او پي ڊيز ۾ مريضن لاءِ بهتر ويٽنگ روم ناهي، ساڳئي ريت   داخل ٿيندڙ مريضن جي وارثن لاءِ  جي رهڻ لاءِ ڪو بهتر بندوبست ٿيل ناهي. مريضن شڪايت ڪئي ته اسان کي دوائون خانگي اسٽورن کان خريد ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ، جناح اسپتال اندر قائم اهي خانگي ميڊيڪل اسٽور بازار کان وڌيڪ اگھه تي دوائون وڪرو ڪن ٿا. اسپتال انتظاميا پاران خانگي اسٽورن جي اگھن تي نگراني لاءِ ڪو بندوبست ٿيل ناهي،  جنهن ڪري پريشان حال مريض ڦرجي وڃن ٿا.

ليڊي ڊاڪٽرن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا معمول بڻيل

ڪراچي: جناح اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرن سان پنهنجي ئي اسٽاف، ڊاڪٽرن ۽ شعبن جي سربراهن پاران هراسان ڪرڻ وارا واقعا  سامهون اچي چُڪا آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب گذريل سال ڊسمبر مهيني ۾يورولاجي شعبي جي ليڊي ڊاڪٽر مهرين عروج پنهنجي شعبي جي سربراھ ڊاڪٽر شهزاد علي مٿان هراسمينٽ جو الزام لڳائي صدر ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو هو، هن وقت اهو معاملو عدالت ۾ آهي، ان حوالي سان متاثر ڊاڪٽر مهرين عروج “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته مون کان اڳ ساڳئي ڊاڪٽر شهزاد اسان جي شعبي جي 5 ليڊي ڊاڪٽرن کي به مختلف وقتن تي هراسان ڪيو هو. هن چيو ته انهن عورتن انڪوائري ڪاميٽي وٽ به اهڙو معاملو اٿاريو هو.

ليبارٽرين جا انتظام پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن حوالي

ڪراچي: پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن نالي سماجي تنظيم پاران اسپتال جي ليبارٽرين جا انتظام پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شِپ تحت سنڀاليا وڃن ٿا. جتي رت توڙي پيشاب جي ٽيسٽن سميت ٻين ننڍين وڏين ٽيسٽن، ايم آر آءِ ۽ سي ٽي اسڪين جي في خانگي ليبارٽرين جيتري ورتي وڃي ٿي، ڳري في وٺڻ باوجود مريضن کي رپورٽن لاءِ رُلايو وڃي ٿو.

ننڍي آپريشن لاءِ به مهينن جو مهينا انتظار ڪرايو وڃي ٿو

ڪراچي: وڏي اسپتال ۾ ننڍي آپريشن لاءِ به مريضن کي مهينن جو مهينا انتظار ڪرايو وڃي ٿو،  پتي جي مائنر آپريشن لاءِ مريضن کي 6 مهينن کان هڪ سال تائين جي تاريخ ڏني وڃي ٿي! ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب جناح اسپتال ۾ پتي جي آپريشن لاءِ ايندڙ مريضن کي رش جو عذر ڏئي 6 مهينن کان هڪ سال تائين جو انتظار ڪرايو وڃي ٿو. واضح رهي ته پتي جو مائنر آپريشن جنرل سرجري وارڊ ۾ آساني سان ٿيندو آهي.جناح جي او پي ڊيز ۾ ساليانو 24 لک مريض تپاسجن ٿا * ايمرجنسي به ساڍا 5 لک مريضن تي پهتل * وارڊن  ۾ 80 هزار مريض داخل ٿين ٿا * 40 هزار ڊليوريون ڪرايون وڃن ٿيون * ساليانو 5000 فوتگيون به ٿين ٿيون

ڪراچي: جناح اسپتال جي او پي ڊيز ۾ ساليانو 24 لک کان وڌيڪ مريضن کي تپاسيو وڃي ٿو، جڏهن ته ايمرجنسي ۾ ساليانو 5 لک 30 هزار کان ساڍا 5 لک  مريض حادثن ۽ ٻي ايمرجنسي جي صورت ۾ اچن ٿا.  جناح اسپتال جي ذريعن ٻڌايو ته اسپتال جي مختلف وارڊن ۾ ساليانو 5 هزار کان 5300 مريض  فوت به ٿين  ٿا، اسپتال جي گائني وارڊ ۾ ساليانو 40 هزار ڊليوري ڪيس اُڪلايا وڃن ٿا. هر سال مختلف وارڊن ۾ 75 کان 80 هزار مريضن کي داخل ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ڪُتي ڏاڙهڻ وارا مريض هر سال 13 کان 14 هزار تائين اچن ٿا. جڏهن ته مختلف مريضن جا 33 هزار کان 35 هزار تائين آپريشن ڪيا وڃن ٿا.