سنڌ جي ٻيجل سرمد سنڌي کي سلام

0
53
سنڌ جي ٻيجل سرمد سنڌي کي سلام

 سنڌ ٻيجل سرمد سنڌي کي ورسي جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان حوالي سان آفاق احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  ڪيئن وساري سگھندس توکي !!!!جيڪي ماڻھو وطن قوم ۽ ٻولي لاءِ ڪم ڪندا آھن اھي تاحيات تاريخ جو حصو بڻجي ويندا آهن، آئون سمجهان ٿو ته سرمد جو آواز اڃان تائين ڪَتين جي ڪنن ۾ گونجندو ھوندو ۽ ستارا اھو ٻڌي عجب ۾ سوچيندا ھوندا ته ڌرتيءَ به اھڙو اُپگرھه آهي جتي اھڙي لازول ڏات پيدا ٿي سگهي ٿي. سنڌ جي ٻيجل سرمد سنڌي کي قومي سلام ، آزاد انور مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تاريخ جي تارازي، سرمد سنڌي ۽ بينظير ڀٽو، بينظير ڀٽو ذهين گهڻي پڙهي عورت اڳواڻ هئي توڙي جو ڪمپرومائيز سياست سندس ٻيو نالو هو ان باوجود کيس بخش نه ڪيائون ڪم پورو ٿيڻ بعد پيءُ وانگر سندس لاش لاڙڪاڻو موڪليو ويو. ٻئي طرف سرمد سنڌي هو جيڪو سموري زندگي ڌرتيءَ جي ڌر ٿي بيٺو، اڄ ٻنهي شهادت جي تاريخ به ساڳئي پر ان سَچ کان انڪار ڪير ڪندو بينظير جي ورسيءَ سرڪاري طور ملهائجڻ خاص موڪل هئڻ  باوجود گلوبل وليج بڻيل سوشل ميڊيا جي جهان ۾ سنڌين جي موبائيل اسڪرينن تي اڄ رڳو سرمد ڇانيو پيو آهي. هر پاسي سرمد جو ئي آواز ۽ آلاپ ٿو ٻڌجي. اها چٽي ثابتي آهي ان ڳالهه جي ته جن ماڻهن جون پاڙون نظرياتي طور قوم سان جڙيل آهن تاريخ جي تارازو ۾ انهن جي پاسي ئي اٽل هوندي بلڪل بخاري بي ان بيت جيان ته: جو قوم جياري سو جيئندو رهندو، سنديش ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏‎سرمد سنڌ ڌرتي جو ھڪ اھڙو عاشق ھو جنھن جي آواز ۽ آلاپن ۾ ماروئڙن جو ڏُک درد سمايل آھي، سرمد غلام قوم لاءِ آزادي ڳائيندو ھو، انھي ڪري 27 ڊسمبر جي اڀاڳي ڏينھن ايندي ئي سرمد لاءِ سنڌي ماروئڙن جي دل اداس ٿي ويندي آهي، گلاب ڪمار، جي ايم مسڻ، نريش ڪمار، پريم چند، سرويچ انور، جڳديش ڪمار ميگهواڙ به ڀيٽا پيش ڪئي.