اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ترقي ۽ تعاون بابت اطالوي ايجنسي 40 لک يورو سنڌ جي برسات متاثرن جي بحالي لاءِ فراهم ڪندي. پڌرائي موجب رقم سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر ٿيل خاندانن جي ڀلائي لاءِ استعمال ٿيندي، هن رقم جو مقصد متاثرن، خاص طور تي ڏڪار ۽ هيٽ ويوز کان سخت متاثر ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. رقم 36 مهينن ۾ متاثر ضلعن ۾ ارلي وارننگ سسٽم جي تنصيب ۾ مدد ڪندي، پڌرائي موجب ايف اي او ۽ اي ايس وي آءِ جي نمائندن معاهدي تي صحيحون ڪيون، اطالوي سفير ماريلينا ارميلين چيو ته هي رقم موسمياتي آفتن جي خطري ۾ گهٽتائي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندي.