مٺي(رپورٽر) مٺي ۾ سنڌ جي ٻاٻيهي ۽ سدا بهار راڳي صادق فقير جي 8 هين ورسي ملهائي کيس سرن آلاپن ۽ سڏڪن سان ڀيٽائون ڏنيون ويون. جڏهن ته ورسي جي مک تقريب حيدرآباد ۾ سارنگا ادبي ۽ ثقافتي سوسائٽي سنڌ پاران ڪوٺائي ويئي هئي، مٺي ۾ مقامي شاعرن، اديبن، فنڪارن، سماج سڌارڪن، صحافين ۽ گهر ڀاتين پاران صادق فقير جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ويئي. جڏهن ته مقامي فنڪارن صادق فقير جي مزار تي چادر چاڙھڻ وقت صادق فقير جا ڳايل گيت ڳائي سرن ۽ آلاپن سان ڀيٽائون پيش ڪيون، جنهن دوران ماحول ڏکارو ۽ سوڳوار بڻجي ويو، مٺي ۾ صادق فقير چوڪ کان نزاڪت صادق فقير، صابر فقير، نصير ڪنڀار، سشيل ملاڻي، راحت صادق، شهداد فقير، ماما وشن ٿري، ڪريم فقير، ممتاز نهڙيو، زوار فقير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مزار تي چادر چاڙھڻ جي رسم ادا ڪئي ويئي، ٻئي طرف سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل ضلعي بدين، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن سان گڏجي صادق فقير جي مزار تي پهچي گلن جون چادرون چاڙهي صادق فقير کي ڀيٽائون پيش ڪيون. هوڏانهن ميرپور بٺورو ۾ جسقپ طرفان سنڌ جي راڳي صادق فقير جي اٺين ورسي ملهائي وئي.