زندگي جو ھر پل ڏاڍو خوبصورت ۽ معنيٰ خيز ھوندو آھي سڀني مسئلن، مونجھارن ۽ تلخين جي باوجود زندگي ڏاڍي وڻندڙ ۽ پياري ھوندي آھي، اھو ھڪ اھڙو يادگار البم بڻجي وڃي ٿو جيڪو زندگي ۾ ھميشه ياد رھي ٿو جنھن ۾ لاتعداد تصويرون ۽ رنگ ڀريل آھن جنھن جي ھر رنگ ۽ لمحي ۾ پنھنجي پنھنجي سونھن آھي جيڪي نوجوان يونيورسٽي ۾ پڙھندي ۽ ھاسٽلن ۾ رھندي وقت گذاريندا آھن سي زندگي جي ڪھڙي به منزل تي پھچي وڃن يا ڪجھه به بڻجي وڃن پر يونيورسٽي جي چار سالن جي مختصر عرصي کي ھو پاڻ کان الڳ ڪڏھن ناھن ڪري سگھندا، ھر شاگرد توڙي شاگردياڻي تعليم حاصل ڪري عملي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ وارو مقصد کڻي تعلمي ادارن ۾ پڙھڻ ايندا آھن پر جڏھن ھتان تعليم مڪمل ڪرڻ وارو وقت ايندو آھي ته ھو خوشي سان گڏ يونيورسٽي ڇڏڻ جو ڏک به پاڻ سان گڏ کڻي ويندا آھن،
سنڌ جي يونيورسٽين ۾ نومبر ۽ ڊسمبر جو مھينو وڇوڙي جو مھينو ھوندو آھي ڇا ڪاڻ جو سنڌ يونيورسٽي، لطيف يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام، مھراڻ يونيورسٽي، قائد عوام ۽ ٻين يونيورسٽين جا شاگرد مختلف ڏينھن تي پنھنجون الواعي گڏجاڻيون رکندا آھن ۽ وڇوڙي جا راڳ ورنائيندا آھن، ھر شاگرد يا شاگردياڻي پنھنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم واٽس ايپ اسٽيٽس، ٽڪ ٽاڪ، فيس بوڪ ، اسٽاگرام تي وڇوڙي جا منظر رکن ٿا، ھر سال ھن ٻنھي مھينن ۾ شاگرد ھڪ ڏينھن جو سير تفريح به ڪندا آھن ته، الواعي گڏجاڻيون به رکندا آھن، خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي ۽ شاھه عبداللطيف يونيورسٽي جا شاگرد / شاگردياڻيون خوشي ۽ غم جي عالم ۾ ڪجھه وڌيڪ نظر ايندا آهن، لطيف يونيورسٽي ۾ 26 نومبر کان بي ايس ون کان چار تائين جي چار سال ڊگري جو آخري سمسٽر شروع آھي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ وري چار ڊسمبر کان شروع ٿيندو.
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جيڪا بلوچستان، پنجاب ۽ سنڌ جي سرحدن کي ڳنڍي مختلف علائقن جي شاگردن کي پاڻ ۾ جوڙي تعليم سان روشناس ڪرائي ٿي. ته سنڌ يونيورسٽي وري ٿرپارڪر ، ميرپورخاص بدين ٺٽو لاڙڪارڻي سميت سنڌ جي ھر شھر ۽ ۽ ٻين صوبن جي ڪوٽا تي شاگردن کي تعليم جي زيور سان نوازي ٿي، هر سال هزارين شاگرد تعليمي مهارت جي هن مرڪز ڏانهن خوشحال مستقبل جي نت نون خوابن ۽ اميدن سان گڏ ايندا آهن ۽ چار سال پڙھي ھن درسگاھه مان علم واري اڃ اجهائي، خوب مستي ڪري آخر ڊسمبر واري مھيني ۾ وڇوڙي جا ورلاپ ڪري الوداع ڪري ويندا آھن. ۽ پنھنجن خوابن سان گڏ نه صرف ڊگريون بلڪ گڏوگڏ يونيورسٽي جون يادون به کڻي ويندا آھن. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي آخري سال جي شاگردن لاءِ الوداعي تقريبون سندن علمي سفر جي پڄاڻيءَ کي يادگار بڻائڻ لاءِ ترتيب ڏنيون وڃن ٿيون.
ھن سال واري الوداعي تقريب روايتي واڪ ڊائون ميموري لين سان ڪئي وڃي ٿي ، جنھن ۾ آخري سال جي شاگردن پنهنجي تعليمي سفر جي قصن، ڪاميابين ۽ تعريفي لمحن کي ھڪ ٻئي سان ۽ پنھنجي اداري جي استادن ۽ انتظاميه سان ونڊيو. اھو تصويرن ۽ وڊيوز جو هڪ سلسلو آھي جيڪو ھميشه يونيورسٽيءَ جي يادن ۽ تاريخ جو حصو ۽ شاگردن جي جذبن ۽ امنگن ۾ شامل رھندو. الوداعي تقريبن جو هڪ اهم پاسو شاگردن جي وچ ۾ ذاتي ڊائري جي مٽاسٽا به آهي. هر شاگرد پنهنجي ساٿين لاءِ شڪرگذاري، تعريف ۽ يادگيريءَ دل جي گھرائين سان اظهار ڪندي پاتل شرٽس تي آٽوگراف ۽ نوٽس لکي دستخطن ۽ نيڪ تمنائن سان سينگاريل ڊائريون، گڏيل تجربن جو نمونو بڻجي ويون آھن . هڪ روايت جيڪا موڪلاڻيءَ جي مترادف بڻجي وئي آهي، شاگردن هڪ ٻئي جي شرٽس تي ذاتي پيغام لکيا. رنگن ۽ پيغامن جي متحرڪ صف ۾ مزاح ۽ مذاق سميت پنھنجي دوستيءَ جو اخلاص سان اظهار ڪيائون. قميصون، جيڪي هاڻي يادن سان سينگاريل آهن، ان موقعي جي روح کي ڍڪيندڙ پائڻ لائق ڪئنواسن جو ڪم ڪيو. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن وٽ ھڪ مخصوص انداز سالن کان ھلندو اچي ٿو، شاگرد ٽريڪٽر ٽرالي تي ھڪ ڄڃ وٺي ايندا آھن گھوٽ ڪنوار وارو پورو منظر ھوندو آھي جتي ھو لائون، نڪاح، ڏاوڻ ۽ سھرا چوندا آھن، لطيف يونيورسٽي جي ڪجھه شعبن جا شاگرد / شاگردياڻيون ڪاري رنگ جو لباس پھري ايندا آھن ۽ غم جي ڪيفيت کي ظاھر ڪندا آھن، شاگردن جڏھن پنھنجي جذبن کي الوداعي گيتن جي طور تي پيش ڪيو ته ماحول سوڳوار ٿي ويو. انھي دوران هنن نه صرف موسيقيءَ جي طور طريقن جي جذباتي نزاڪتن جي عڪاسي ڪئي پر لچڪ، دوستيءَ انھن گڏيل تجربن کي به پيش ڪيو ، جيڪي يونيورسٽي ۾ سندن موجودگي کي يادگار ۽ قابل ذڪر بڻائين ٿا. يونيورسٽي ۾ جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. جذبات جاڳي پيا، ڳوڙها وھايا ويا، ڀاڪر پاتا ويا ۽ دل جي گهراين سان ھڪ ٻئي کي رخصت ڪيو ويو. انھي موقعي تي هر فرد ئي پنهنجي ساٿين جي علمي ۽ ذاتي ترقي جي اميد ڏيکاري ۽ ڪاميابي ۽ ڪامراني جي دعا ڪئي. سنڌ يونيورسٽي جي سوشيالاجي شعبي جي آخري سال جي شاگردن / شاگردياڻين نعمان کوسو ، امجد ٻگھيو ، فياض کوسو ، شعيب ڀيو ، اخلاق انڙ ، زبير بروھي، ثناءُالله، فضيلا شيخ ، لائبا آرائين ، اريبا ، مھانور ۽ ٻين اجتماعي طور تي آرٽس فيڪلٽي جي لان ۾ پاڪستان جي جھنڊي آڳيان عزم ڪيو ته هو پنهنجي تعليم ۽ صلاحيتن کي پنهنجي قوم جي بهتري لاءِ استعمال ڪندا. انھي موقعي تي سماجي ذميواري جي احساس کي فروغ ڏيارڻ لاءِ ته جيئن اھي پنھنجي زندگين ۾ ايندڙ دور ۾ ڪامياب سان ھم ڪنار ٿين، يونيورسٽي طرفان قائم ڪيل قدرن کي برقرار رکڻ جو پختو عزم ڪيو ويو.
ھن ڀيري شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ الوداعي سرگرميون روايتي رسمن کان مٿانهيون ٿي ويون ۽ جذبن، يادن ۽ گڏيل اميدن جي هڪ ٽيپيسٽري ٺاهي ڇڏيائون.
آخري سال جي شاگردن کلندي کيڏندي، ڳائيندي وڄائيندي ۽ پاڻ ۾ رابطن برقرار رکڻ جا پختا واعد ۽ وچن ڪري ھڪ ٻئي کان موڪلايو ۽ پنھنجي پنھنجي منزل ڏانھن رخ رکيائون ته پنھنجو ۽ پنھنجي ديس جو مستقبل روشن ڪري ڏيکارين. (واٽس ايپ تي اماڻيل مواد)