ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) وڪيل اڳواڻن سنڌو درياءَ تي تعمير ٿيندڙ 6 نون ڪئنالن جو نوٽيفڪيشن هڪ هفتي اندر واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ 18 اپريل کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪري موٽروي بند ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو, ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوٺايل آل پاڪستان وڪيل ڪنوينشن ۾ گڏيل ٺهراءَ پاس ڪندي چيو ويو ته هفتي اندر ڪئنالن جي تعمير رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته 18 اپريل کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪري موٽر وي بند ڪري ڇڏينداسين. وڪيل اڳواڻن چيو ته ارسا چولستان ڪئنال لاءِ  پاڻي دستيابي وارو هٿ ٺوڪيو سرٽيفڪيٽ واپس وٺي، جڏهن ته   ارسا ۾ وفاقي ميمبر سنڌ مان مقرر ڪيو وڃي. اڳواڻن  چيو ته ارسا جي موجوده جوڙجڪ غير قانوني آهي، قانون ۽ عدالتي فيصلن موجب ارسا جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، وڪيل اڳواڻن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ صوبن جي برابر نمائندگي ڪئي وڃي،  ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ مختص زمينون مقامي هارين کي ڏنيون وڃن. جوڊيشل ڪميشن جي ميمبر اختر حسين ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته 1901ع کان پنجاب ۽ سنڌ ۾ پاڻي بابت تڪرار ٿيندا رهيا آهن ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به پاڻي جا اهي مسئلا برقرار آهن. سنڌ جو اعتراض اهو آهي ته جيڪو به معاهدو ٿئي ٿو انهي تي عمل نٿو ٿئي. هن چيو ته عالمي قانون مطابق پڇڙي کي پاڻي جو وڌيڪ حق ڏنو ويو آهي پر هتي کين  پاڻي نه ٿو ملي، سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ڪنوينشن کي ملير بار جي ارشاد شر خطاب ڪندي چيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ 10 ايم اي ايف پاڻي نه وڃڻ ڪري انڊس ڊيلٽا تاباهه ٿي رهيو آهي، خيرپور بار جي اڳواڻ گل محمد سهتو چيو ته پاڻي نه ملڻ سان زمينن سان گڏ انسان، پکي ۽ جانور به متاثر ٿيندا. جيڪب آباد بار جي صدر مظفر علي رند چيو ته ڪئنال ٺاهڻ سان گڏ زرخير زمين ڪاپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏين پئي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلو چيو ته سنڌو رڳو هڪ درياءِ نه پر هڪ تهذيب جو نالو آهي. اسان جي تهذيب جو جيڪو به دشمن آهي، ان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ بدران زمين مقامي هارين کي ڏني وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر سليم مڱريو سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي خلاف آواز اٿارڻ سڀني جي ذميواري آهي