هالا (ن پ ا) مخدوم جميل الزمان ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھن وقت ڀلي ڪيتريون به ھڪ ٻئي سان مخالفتون ھجن پر جڏھن حڪومت ٺاھڻ جو وقت ايندو ته پي ٽي آءِ باني سميت سڀ جماعتون گڏجي وينديون، ھن چيو ته  منھنجو مطالبو ناھي پر سنڌ جي وڏ وزارت مٽياري وارن کي ملڻ گھرجي،پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان سنڌ ۾ وڌ کان وڌ ٽڪيٽون سروري جماعت جي مريدن کي مليون آھن، ڀلي توھان سڄي سنڌ کي جانچي ڏسو، مخدوم جميل الزمان چيو ته عام اليڪشن جي حوالي سان اڃا ڪا به گرما گرمي نٿي ڏسجي 15 جنوري کانپوءِ اليڪشن جي حوالي سان گرما گرمي شروع ٿيندي.