عوامي ڪاوڙ جو سونامي جڏهن سمورن سطحي سرڪاري بيانن جي هر رُڪاوٽ کي لوڙهيندو اڳتي وڌي رهيو آهي ته سرڪاري صفن ۾ خوف ۽ ڏهڪاءَ جا احساس وڌندا وڃن ۽ اُنهن ئي قطارن مان هاڻي وضاحتون ۽ عذر جا آواز اچڻ لڳا آهن. اهڙي ئي هڪ تازي ڪوشش سنڌ جي وڏي وزير جي ڪراچيءَ ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس پڻ آهي، جيڪا وضاحتن ۽ چِٽائين جي ڪوشش چئي سگهجي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير ڄاڻايل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته، جيڪڏهن صدر ڪئنالن جي تعمير لاءِ ڪنهن ايڪٽ تي دستخط ڪيا آهن ته ان کي سامهون آڻيو. صدر کي آبپاشي جي نظام تي بريفنگ ڏني وئي ته صدر چيو ته اها چڱي ڳالهه آهي، صوبن سان ڳالهايو، ان ملاقات جا منٽ به غلط جاري ڪيا ويا. هن وڌيڪ چيو ته، صدر وٽ ڪئنالن جي منظوري جو اختيار ناهي. اسان وڙهڻ يا بندوق کڻڻ لاءِ نه، آئيني ڳالهه ڪري رهيا آهيون، توهان سي سي آءِ جو اجلاس گهرايو. پيپلزپارٽي کان سواءِ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت نٿي هلي سگھي، اسان هر قسم جو قدم کڻنداسين. ارسا کي لکي ڇڏيو آهي ته اسان ڪنهن ڪئنال سان متفق نه آھيون. پاڻيءَ جي دستيابي بابت ارسا جي سرٽيفڪيٽ سان متفق نه آھيون. آبپاشي کاتو سرگرم آهي. ائين ناهي جو جيڪو چاهي، سو ٺاهي ڇڏيندو. سنڌوءَ ۾ پاڻي جي رڪارڊ گهٽتائي آهي. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي به انهن ڪئنالن خلاف آهن. ڪئنالن جي دستاويزن مطابق اهي ڪئنال حڪومت پنجاب پاران اسپانسر ڪيا ويا آهن، اها ئي فنڊ پڻ لڳائيندي. ان کي گرين پاڪستان انيشيئيٽو ۾ شامل ڪيو ويو، اسان ان جي خلاف آهيون. اسان ڪنهن سٺي منصوبي جي مخالفت ڪڏهن به نه ڪنداسين.
سنڌ ۾ نون ڪينالن خلاف احتجاج ڏينهون ڏينهن زور وٺندو وڃي. عوامي ڪاوڙ سکڻين وضاحتن ۽ حڪومتي لب ڪشائيءَ جا ڪَکَ پَنَ لوڙهي رهي آهي. سنڌ جا سمورا شهر ۽ ڳوٺَ، واهڻ ۽ وسنديون سراپا احتجاج آهن. توڙي جو ان عوامي ڪاوڙ کي روڪڻ لاءِ ڪن هنڌن تي رياستي طاقت جو استعمال پڻ ڪيو ويو آهي، احتجاج ڪندڙن تي دهشتگرديءَ جا ڪيسَ پڻ داخل ڪيا ويا آهن پر اقتداري مُومل جا سمورا منڊ ۽ طلسم ناڪام ٿي ويا آهن، ويتر مسلم ليگ جي اڳواڻن جي تدبر کان خالي بيانن سنڌ جي عوامي ڪاوڙ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جن مان هڪ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ آهي، جيڪو اها به سُڌ نٿو رکي ته، سنڌ جي ماڻهن جي مزاج جي موسم تبديل ٿي چُڪي آهي. حد ته اها آهي جو سنڌ ۾ ايڏي وڏي عوامي احتجاج کي وفاقي حڪومت ليکي ۾ به نٿي آڻي ۽ وفاقي حڪومت سمجهي ٿي ته، ان کي اڳ وانگر هر شئي ڦٻي ويندي پر هاڻي وفاق کي ان غلط فهمي مان نڪرڻو پوندو.
سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ جنهن گڏجاڻيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، اها گذريل سال جولائي ۾ ٿي هئي ۽ 9 مهينن بعد مس مس ان تي لب ڪشائي ٿي آهي، توڙي جو سنڌ جو وڏو وزير صدارتي محل جو ترجمان نه آهي ۽ اهڙي وضاحت صدارتي محل مان جاري ٿيڻ گهرجي ها. وڏو وزير چوي ٿو ته، صدر صاحب سان ٿيل گڏجاڻيءَ جا منٽس غلط جاري ڪيا ويا، پر هتي سوال اهو آهي ته، ملڪ جي اهمن منصب تي فائز ٿيل شخصيت، جيڪا وفاق جي علامت پڻ آهي، جي گڏجاڻي جا منٽس غلط جاري ٿين ٿا ته، اُنهن تي 9 مهينن تائين چُپ جو روزو رکيو وڃي ٿو ۽ جي هاڻي ان تي ڳالهايو آهي ته به سنڌ جي وڏي وزير ڳالهايو آهي پر صدارتي محل جي ترجمان طرفان ڪا وضاحت سامهون نه آئي آهي. هڪ سوال اهو پڻ آهي ته، غلط منٽس جي جاري ٿيڻ جو ذميوار ڪير آهي ۽ ڇا ان ذميوار کي اهڙي غير ذميواري تي پڪڙ ۾ آندو ويو آهي؟ ظاهر آهي ته، گڏجاڻي صدارتي محل ۾ ٿي هئي ۽ ان جا منٽس به اُتان ئي جاري ٿيا هوندا.
پيپلز پارٽي جيڪڏهن واقعي به ڪينالن خلاف آهي ته اُن کي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان نه صرف ٺهراءَ منظور ڪرائڻ گهرجن پر پ پ جي ٿُوڻين ۽ ٿنڀن تي بيٺل وفاقي حڪومت کي احساس ڏيارڻ لاءِ انهن ٿُوڻين ۽ ٿنڀن کي لوڏڻ پڻ گهرجي ۽ آخري آپشن پ پ وٽ وفاقي حڪومت جي حمايت واپس وٺڻ آهي، جنهن لاءِ صدر مملڪت وزير اعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چئي سگهي ٿو. پ پ کي ياد رکڻ گهرجي ته، سنڌ جا مفاد سڀ کان مقدم آهن.