ڌاٻيجي (ن پ ا) سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال هجڻ باوجود سنڌ جا ماڻهو بک بدحالي ۽ فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن، سنڌو درياهه مٿان ڪنهن به قسم جو ڪئنال قبول ناهي، سنڌ جي وسيلن تي ڌارين کي قبضو ڪرڻ نه ڏبو، جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهيندي چيو ته سنڌ جي وسيلن گيس، ڪوئلي ۽ تيل  تي قبضي کانپوءِ سنڌو درياهه مٿان 6 ڪينال ٺاهي هاڻي سنڌ جي جياپي پاڻي تي به قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبي، هڪ پاسي سنڌ جا ماڻهو پنهجي شاهوڪار ڌرتي تي غربت سبب پنهجا ٻچا وڪڻن ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهين ته ٻئي پاسي سنڌوءَ مٿان ڪئنال ٺاهي ڪري سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي، جنهن خلاف جسقم ميدان عمل ۾آهي ان باوجود حڪمران پنهجي هوڏ تان نه لٿا ته سخت مزاحمت ڪبي، انهي موقعي تي نظام جوکيو ۽ غلام حسين پنهور ساڻس گڏ هئا.