ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچن لاءِ اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. چيف جسٽس هر آئيني بينچ  کي 50 ڪيس  ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار سهيل لغاري طرفان جاري ڪيل سرڪيولر موجب ڪراچي جي پرنسپل سيٽ تي ٽيڪس، ڪسٽم، سروس، ليبر ۽ ايس بي سي اي جا 10/10 ڪيس روزانو مقرر ڪيا وڃن، جڏهن ته سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ ميرپور خاص جي آئيني بينچن ۾ روزاني 50 ڪيس پيش ڪيا وڃن، سرڪٽ بينچن ۾ ٽيڪس ۽ ڪسٽم ڪيس نه هئڻ ڪري ٻين شعبن جا ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا وڃن.