ڪراچي: نگران ڪابينا ۾ واڌ وارو عمل اڃا شروع نه ٿي سگھيو، نگران ڪابينا ۾ واڌ لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان غور ڪيو پيو وڃي، ذريعن موجب ته نگران ڪابينا ۾ وڌيڪ 8 وزير کنيا ويندا، جن لاءِ انٽريو جو سلسلو به ڪيترن ئي ڏينهن کان هلندڙ آهي پر اڃا تائين انهي ۾ ڪا وڌيڪ اڳڀرائي نه ٿي سگھي آهي.